”ادو عمران رڳو شعر صحيح پڙهندو آ، ڳالهين جي خبر نٿس پوندي“

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)پيٽروليم واري مملڪتي وزير چيو آهي ته خان صاحب توهان جي چوري پڪڙجي وئي آهي هاڻي رسيدون ڪڍو، جڏهن ته پنجاب حڪومت فرح گوگي کي گهرائي جاچ ڪري.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مصدق ملڪ چيو ته عمران خان نه صادق آهي نه امين، هڪ ارب ستر ڪروڙ رپين جي واچ پنج ڪروڙ رپين ۾ ورتي ۽ ڇهه ڪروڙ رپين ۾ وڪڻي ڇڏي، وري چئي ٿو ته ڪرپشن ناهي ڪئي.

مملڪتي وزير چيو ته عمران خان ڪاغذ لوڏي چيو ته آمريڪا حڪومت مٽائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ پو وري اهو وڃائي ڇڏيو. چيائين ته هو ۽ ادارا هڪ پيج تي آهن، وري شهيدن خلاف مهم هلايائين، ڳالهيون اڳ واريون مڃون يا پوءِ واريون؟

هن چيو ته ڪيترن ئي جلسن ۾ آرمي چيف جي مقرري کي تڪراري بڻايو، وري چيائين ته اهڙي مقرري ان جو مسئلو ئي ناهي، پهرين ڳالهه مڃون يا ٻئي؟ اڄ تائين ڪو شعر ئي هوندو جيڪو ادي صحيح پڙهيو هوندو.

سندس چوڻ هو ڪو ماڻهو پيسا لڪائي ملڪ مان ڪڍي وڇي يا ملڪ ۾ آڻي، مني لانڊرنگ ئي آهي، روشا خانه ۾ خان صاحب چئي ٿو ته هڪ هڪ هيرو پنج سئو رپين جو ورتو، وري چئي ٿو ته پنجين سئين ۾ ورتل هيرو هڪ هزار رپين ۾ وڪرو ڪرڻ ڪرپشن ناهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.