ايم ڪيو ايم سان ٿيل معاهدن تي عمل ٿئي پيو: شرجيل ميمڻ

ڪراچي (رپورٽر ) اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾  ڪميشن فار دي پروٽيڪشن آف جرنلسٽ اينڊ  ميڊيا پريڪٽشنرز، سينيئر سٽيزن ڪارڊ، وليج اليڪٽريفڪيشن جي تحت مختلف ڳوٺن جي سولر انرجي تي منقلي جي منظوري سميت ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ اهم فيصلا ڪيا ويا آهن. سنڌ ڪابينا جي اجلاس بابت سنڌ آرڪائيوز ڪمپليڪس ۾ ميڊيا بريفنگ ڏيندي هن ٻڌايو ته جسٽس (ر) رشيد اي رضوي کي صحافين جي تحفظ لاءِ ڪميشن جو چيئرمين بڻائڻ جي منظوري ڏني وئي آهي، جڏهن ته اي پي اين ايس مان قاضي اسد عابد،  پي ايف يو جي جي فهيم صديقي، سي پي اين اي جي ڊاڪٽر جبار خٽڪ، پي بي اي مان اطهر قاضي، سنڌ بار ڪائونسل جي اياز تنيو، هيومن رائيٽس ڪميشن جي پروفيسر توصيف احمد، اي پي اين اي سي جي غلام فريد الدين، ايم پي اي شازيه عمر، ايم پي اي سيده ماروي فصيح سميت اطلاعات، گهرو، قانون ۽ انساني حقن جي سيڪريٽرين کي ڪميشن ۾ ميمبر طور شامل ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي. صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ايم ڪيو ايم سان ڪيل معاهدي بابت ڳالهائيندي چيو آهي ته سنڌ ۾ مڪاني چونڊ لاءِ ٻين صوبن مان پوليس گهرائڻ ممڪن ناهي. صوبائي وزير چيو ته سنڌ سرڪار ٻن مرحلن ۾ چونڊون ڪرائڻ جو چيو هو، ايم ڪيو ايم سان ٿيل معاهدن تي عمل ٿئي پيو. صوبائي وزير جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته ايم ڪيو ايم سان ڪو به ڊيڊ لاڪ ناهي، ڳالهيون هلنديون رهنديون آهن، جيڪو معاهدو ڪيو آهي، ان تي عمل ڪيو پيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.