غيبي ديري ۾جهيڙو، فائرنگ،وڏيري جو پٽ مارجي ويو

قمبر (رپورٽ:محمود شيخ) قمبر جي جاگير واري علائقي غيبي ديرو ٿاڻي جي حد زيرو پوائنٽ وٽ مامن ۽ ڀاڻيجن ۾جهيڙي دوران فائرنگ جي نتيجي ۾ ڳوٺ رئيس محمد حسن چانڊيو جي وڏيري جو پٽ مولا بخش قاسماڻي مارجي ويو. ڳوٺاڻن قرآن پاڪ وچ ۾ آڻي فائرنگ روڪرائي ڇڏي جڏهن ته غيبي ديرو ٿاڻي جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کڻائي اسپتال پهچايو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو. واقعي کان پوءِ ڌرين ۾ ڇڪتاڻ هلندڙ آهي، ٻئي پاسي واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو نه ئي گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي. ڌرين ۾ گذريل ٻن سالن کان تڪرار هلندڙ آهي، هڪ سال اڳ مقتول مولا بخش چانڊيو جي ننڍي ڀاءُ صابر حسين کي پڻ فائرنگ ڪري زخمي  ڪيو ويو هو ۽ 7 مهينا اڳ ساڳئي ئي مقتول جي سوُٽ ظهور احمد چانڊيو کي فائرنگ ڪري قتل ڪيو ويو هو جنهن ۾ ٻي ڌر جو سراج چانڊيو قتل ٿي ويو هو، جنهن جي نتيجي ۾ڪالهه هي واقعو پيش آيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.