ڊائريڪٽر اسٽيوٽا کي 5 ڊسمبر تي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾پيش ٿيڻ جو حڪم

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ ۽ جسٽس سعيد يوسف تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ سيفي ٽيڪينڪل ڪاليج کي ٽرسٽ حوالي ڪرڻ خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.ڊائريڪٽر اسٽيوٽا جي غير حاضري تي عدالت سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.عدالت پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته ڊائريڪٽر اسٽيوٽا 5 ڊسمبر جو مڪمل رڪارڊ ۽ ثبوت سان پيش نه ٿيو ته سندس خلاف سخت حڪم ڏنو ويندو. درخواست گذار جي وڪيل عٽمان فاروق چيو ته ڪاليج کي ٽرسٽ جي حوالي ڪيو پيو وڃي، جنهن سان شاگردن جو مسقبل داءَ تي لڳي ويندو .ڪاليج جو انتظام ٽرسٽ کان واپس ورتو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.