شهيد مختيارڪار ڪيس ۾ غيرحاضر ايس ايڇ او هٽايو وڃي:مختيارڪار ايسوسيئيشن

ڪراچي (رپورٽ: غلام مهدي بلوچ)سنڌ مختيارڪار ايسوسيئيشن جي اڳواڻن عزيز جوڻيجو، اڪرم شيخ ۽ ٻين عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو آهي ته مختيارڪار شهيد اعجاز چانڊيو جي شهادت تي صحافين، سياسي اڳواڻن، روينيو ملازمن، وڪيلن ۽ سول سوسائٽي کي گهرو صدمو رسيو آهي، جڏهن ته صحافين شهيد جي مسئلي کي اعليٰ اختيارين تائين پهچايو، جنهن سبب اعليٰ اختيارين نوٽيس ورتو. هنن چيو ته اسين سنڌ حڪومت کي اپيل ٿا ڪريون ته شهيد اعجاز چانڊيو جي گهر ڀاتين ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٻه نوڪريون ۽ ڏيڍ کان ٻه ڪروڙ مالي مدد جو اعلان ڪري. هنن افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ ٻين شهيدن جي وارثن کي ترت مالي مدد توڙي نوڪرين جو اعلان ته ٿي وئي ويندو آهي پر هن وقت تائين اعليٰ اختيارين مذمت ۽ ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ جا حڪم جاري ڪيا آهن پر ڪا به مالي سهائتا جي ڳالهھ ناهي ڪئي وئي. هنن چيو ته آپريشن دوران گهٽ نفري مهيا ڪرڻ سميت پاڻ غير حاضر رهندڙ ايس ايڇ او کي فوري طور برطرف ڪيو وڃي، جڏهن ته شهيد اعجاز چانڊيو سميت زخمي مختيارڪار يار محمد مري ۽ ٻن زخمي تپيدارن جي به مالي مدد جو اعلان ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.