تنگواڻي ويجهو روڊ حادثو، نوجوان موقعي تي فوت

تنگواڻي ( ن ع آ) تنگواڻي ويجهو ٽريڪٽر ۽ ويگن ۾ ٽڪر ٿي پيو، نوجوان موقعي تي فوت ٿي ويو، تنگواڻي پوليس ٿاڻي جي حد نئون روڊ ٺل، ڪنڌڪوٽ انڊس هاءِ وي تي ٽريڪٽر ۽ وين جي ٽڪر ۾ ڳوٺ حيات کوسو واسي نوجوان مصري مل مارواڙي فوت ٿي ويو، لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو، ٽريڪٽر ۽ ويگن ڊرائيور گاڏيون ڇڏي فرار ٿي ويا، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو. فوتي مصري مل مارواڙي ڀيل سيوا سماج جي مرڪزي اڳواڻ ننگي مل جو ڀاءُ هيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.