معين آفتاب جي بريت خلاف اپيل جي ٻڌڻي، ڪيس جي تياري لاءِ مهلت طلب

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس جنيد غفار تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ   اسٽيل مل ميگا ڪرپشن ڪيس ۾ اسٽيل مل جي اڳوڻي چيئرمين معين آفتاب شيخ جي بريت خلاف اپيل جي ٻڌڻي ڪئي.عدالت ۾ شريڪ جوابدار ثمين اصغر پاران شوڪت حيات ايڊووڪيٽ وڪالت نامو جمع ڪرايو جڏهن ته جوابدارن جي وڪيلن ڪيس جي تياري لاءِ مهلت گهري. عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ٻن هفتن تائين ملتوي ڪري ڇڏي .جسٽس جنيد غفار چيو ته هرجوابدار جو ڪيس الگ ٻڌايو ويندو، ان ڪري ڪيسن جي الگ نوعيت آهي.درخواست گذار پنهنجي موقف ۾ چيو ته ٽرائل عدالت حقيقت کي نظر انداز ڪيو آهي، معين آفتاب شيخ جي بربت واري فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.

ڪراچي ۾ پوليس مقابلي ۽ هٿيار رکڻ جي ڏوهه ۾27 سال قيد جي سزا

 

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت پوليس مقابلي، اردا قتل ۽ غير قانوني هٿيار رکڻ تي جوابدار اڪرام کي 27 سال قيد جي سزا ٻڌايندي مٿس  هڪ لک 90 هزار رپيا ڏنڊ مقرر ڪري ڇڏيو.جوابدارکي 2021ع ۾ موچڪو پوليس مقابلي دوران گرفتار ڪيو هو، جنهن  ۾ هڪ اهلڪار زخمي ٿيو هو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.