انسان بڻجي سوچيو ته ڪنهن جو ڀاءُ، پٽ نه ملي ته ڇا ٿيندو آهي؟ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس گم ٿيل ماڻهن جي ڪيس جي ٻڌڻي ۾ چيو آهي ملڪ جي مفاد ۾ آهي ته اهي مسئلا حل ٿي وڃن.

هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق صحافي ۽ بلاگر مدثر نارو سميت ٻين گم ٿيلن جي بازيابي بابت ڪيسن تي ٻڌڻي ڪئي.

عدالت گم ٿيلن جي ڪيسن کي ڊويزن بئنچ سامهون مقرر ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

گم ٿيل نوجوانن جي پيءَ ٻڌايو ته اسلامڪ يونيورسٽي ٻاهران منهنجا ٻه پٽ گم ٿيا ۽ اڃا تائين ڪا خبر ناهي پئي.

ايڊيشنل اٽارني جنرل منور اقبال دوگل چيو ته ڪابينا ڪميٽي ان معاملي کي ڏسي رهي هئي، اعظم نذير تارڙ کانپوءِ اها ڪميٽي فعال نه رهي.

چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته پوزيشن پاور سڀ ڇڏي ڏيو، انسان بڻجي سوچيو ته ڪنهن جو ڀاءُ ڪنهن جو پٽ نه ملي ته ڇا ٿيندو آهي؟ ملڪ جي مفاد ۾ آهي ته اهي مسئلا حل ٿي وڃن، سان جو ڪو پنهنجو گم ٿي وڃي ته اسان پاڻ ڇا محسوس ڪنداسين؟ وڪيل، جج يا آءِ جي پوءِ، اسان اڳ ۾ ته انسان آهيون.

چيف جسٽس سبزي منڊي ٿاڻي جي جاچ آفيسر تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ڇا توهان جاچ جي اهل آهيو؟ جيڪي ٻه ڦول هنيا اٿو انهن جي اهل آهيو؟

عدالت ٿاڻي جي ايس ايڇ او کي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.