واٽس ايپ جي نئين فيچر سان يورپي پرائيويسي پاليسي اپ ڊيٽ

انٽرنيٽ زريعي پيغام موڪلڻ واري ايپ واٽس ايپ نئين فيچر لاءِ پنهنجي يورپي پرائيويسي پاليسي کي اپ ڊيٽ ڪيو آهي.

ان اپڊيٽ ۾ واٽس ايپ جي نئين اپ ڊيٽس لاءِ پاليسي ۾ نوان حصا شامل ڪيا ويندا.

نئين اپ ڊيٽس ۾ واٽس ايپ جي ڪميونيٽيز سروس ۽ ان جا تفصيل شامل آهن جيئن پهرڻ واريون شيون مثال فيس بوڪ جي عينڪ ۽ اوتار وغيره

واٽس ايپ جي اڳوڻي پرائيويسي پاليسي تڪراري هئي، ۽ ان ڪارڻ اهي خبرون مليون ته پيرنٽ ڪمپني ميٽا کي واهپيدارن جي ذاتي معلومات ڏني پئي وڃي.

اهو تڪرار ايترو وڏو هو جو 2021 جي شروع ۾ واٽس ايپ کي مهينن جي دير لڳي.

ان سموري عرصي ۾ واٽس ايپ تاثر ڏنو ته اهي خبرون گمراه ڪندڙ آهن پر هنن اعتراف به ڪيو ته واهپيدارن کي پاليسي بابت بهتر نموني ڄاڻ ڏيڻ ۾ کٽي پيا.

هن ڀيري نئين اپ ڊيٽس جو مقصد رڳو نئين فيچر لاءِ رستا ٺاهڻ ۾ لڳو ۽ ان سان واٽس ايپ تي ڪم ڪرڻ جي طريقي ۾ ڪا به تبديلي نه ايندي.

واٽس ايپ جي ترجمان جو چوڻ آهي ته هو هن سال واٽس ايپ ۾ نوان فيچر متعارف ڪرائيندا، ۽ يورپي خطي ۾ ماڻهن کي ان بابت وڌيڪ ڄاڻ ڏني پئي وڃي ته هو پرائيويسي جي تحفظ لاءِ ڪيئن ڪم ڪن پيا.

رپورٽ موجب واهپيدار دنيا جي ڪنهن به حصي ۾ هجن، اهي فيچر واٽس ايپ سروس کي هلائڻ ۽ واهپيدارن جي ذاتي معلومات جي حفاظت واري طريقي کي تبديل نه ڪندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.