پاڪستان ۾ ”جواءِ لينڊ“ تي پابندي لاڳو

پاڪستان جي حڪومت جماعت اسلامي جي سينيٽر مشتاق احمد سميت ٻين ماڻهن پاران شڪايتن تي فلم ”جواءِ لينڊ“ تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي.

مرڪزي فلم سينسر بورڊ ”جواءِ لينڊ“ کي جاري ٿيل اجازت نامو رد ڪندي فلم کي معاشي روايتن جي خلاف قرار ڏئي ڇڏيو ۽ ٻڌايو ته فلم کي پاڪستاني سينيمائن ۾ ريليز نه ڪيو ويندو.

فلم جي ڊائريڪٽر صائم صادق فلم کي سينسر بورڊ پاران مليل اجازت نامو رد ٿيڻ جي تصديق ڪئي ۽ ان عمل تي افسوس جو اظهار به ڪيو.

هن پنهنجي پوسٽ ۾ فلم تي بين جي مذمت ڪندي لکيو ته اهو غير آئيني ۽ غيرقانوني قدم آهي جنهن جي خلاف اپيل داخل ڪبي.

صائم صادق پنهنجي پوسٽ ۾ ٻڌايو ته فلم کي پهريون مرڪزي فلم سينسر بورڊ سميت هر صوبي جي سينسر بورڊ اجازت ڏني هئي ۽ صوبن جي اندر قائم فلم سينسر بورڊز ارڙهين ترميم کانپوءِ خودمختيار آهن ۽ هنن مٿان مرڪزي فلم سينسر بورڊ جو حڪم غير آئيني آهي.

 

View this post on Instagram

 

A post shared by Saim Sadiq (@saim.sadiq)

صائم صادق ڪنهن به ماڻهو جو نالو وٺڻ کانسواءِ لکيو ته ڪجهه تنگ نظر ماڻهن فلم ”جواءِ لينڊ“ جي نمائش بابت اجازت ڏيڻ تي سڌ سماءُ واري کاتي تي ٽوڪ ڪئي جنهن بعد هنن پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي.

ٻئي پاسي سينيٽر مشتاق احمد پنهنجي ٽوئيٽ ۾ لکيو ته پاڪستان جي حڪومت تڪراري فلم جي نمائش واري لائسنس کي رد ڪري ڇڏيو آهي جيڪو عمل تعريف جوڳو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.