شعيب ملڪ ماضي جو قصو ڇيڙي لڙڪ لاڙي ويٺو، وڊيو وائرل

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي آل رائونڊر شعيب ملڪ 2009ع جي ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ کٽڻ کانپوءِ تڏوهوڪي ڪپتان يونس خان جو هڪ قصو ٻڌائيندي لڙڪ لاڙي ويٺو.

هڪ پروگرام دوران اڳوڻو ڪپتان مصباح الحق 2009ع جي فائنل بابت خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان جي بيٽنگ وقت ڪريز تي شعيب ملڪ ۽ لالو ( شاهد آفريدي ) موجود هئا جنهن کانپوءِ يونس خان کي بيٽنگ لاءِ وڃڻو هو.

مصباح چيو ته يونس موٽ آيو ۽ چيائين ته پيڊ پائي وٺ، جيڪڏهن ڪير آئوٽ ٿيو ته تون ويندي، ان وقت مونکي احساس ٿيو ته يونس انڪري مون کي چيو ته ڇو جو 2007ع جي عالمي ڪپ فائنل ۾ مان ميچ ختم نه ڪرائي سگهيو هئس ته هنيئر وڃان ۽ وننگ شاٽ کيڏان.

هن چيو ته يونس چاهي ها ته وڃي پئي سگهيو ڇاڪاڻ ته هڪ رنسن ئي گهربل هئي پر هن مونکي موڪيلو ۽ اهو لمحو مون لاءِ ڏاڍو خاص هو .

ميزبان فخرِ عالم جي سوال تي شعيب ملڪ به هڪ قصو ٻڌايو جيڪو ٻڌائيندي هو پنهنجن ڳوڙن کي نه روڪي سگهيو.

شعيب چيو ته جڏهن ته 2009ع جو فائنل کٽيو ته يونس خان مونکي سڏايو ۽ چيو ته تون ٽرافي پڪڙيندي، ۽ اهو مون لاءِ انتهائي خاص ۽ خوبصورت لمحو هو .

قومي ڪرڪيٽر قصو ٻڌائيندي روئي ويٺو، شعيب ملڪ جي اها ڪلپ سوشل ميڊيا تيزي سان وائرل ٿي رهيو آهي ۽ واهپيدار يونس خان جي اهڙي عمل کي ساراهي رهيا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.