”اسڪولن ۾ قرآن ترجمي سان لازمي پڙهايو“ گورنر جو وڏي وزير کي خط

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري طرفان سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ کي خط،  گورنر اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ قرآن پاڪ ترجمي سان گڏ لازمي پڙهائڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي، ھن چيو تہ الحمدلله، اسان کي قرآن پاڪ سان نوازيو ويو آهي، جيڪو اسان جي رهنمائي لاءِ نازل ڪيو ويو آهي، ڪامران ٽيسوري چيو تہ ان جو فڪر ۽ مشاهدو قيامت جي ڏينهن اسان جي ڇوٽڪاري لاءِ راھ هموار ڪندو، سندس چوڻ هو تہ عام تعليم جيڪڏهن قرآن جي تعليم سان گڏ سيکاري وڃي تہ ٻارن کي صحيح ۽ غلط ۾ فرق ڪرڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي، سنڌ جي گورنر جو چوڻ ھو تہ تعليمي ادارن ۾ قرآن مجيد کي لازمي مضمون طور شامل ڪيو وڃي، ھن چيو تہ ان حوالي سان پنجاب جي تعليم کاتي ۽ تعليم واري وفاقي وزير پاران تيار ڪيل نمونو بہ ڏسي سگهجي ٿو، سنڌ جي گورنر تجويز ڏيندي چيو تہ پرائمري سطح تي تدريسي عمل جي شروعات ناظره ۽ تجويد سان ڪئي وڃي، سندس چوڻ هو تہ ان کان پوءِ ثانوي ۽ اعلي ثانوي سطح تي ترجمي سان قرآن پڙهائڻ جو بندوبست ڪيو وڃي، ھن وڌيڪ چيو تہ قرآن پاڪ جي تدريسي عمل سان تعليمي نظام ۾ اضافو ٿيندو، سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري چيو تہ ان مقصد لاءِ لاڳاپيل ادارن کي ضروري حڪم جاري ڪيا وڃن. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.