ڀان جي سوين ڳوٺن ۾ پاڻي بيٺل فصل نه ٿيڻ تي وڏي پئماني ڏڪار جو خدشو

ڀان سيدآباد ( رپورٽ: آدم مينگل) ملڪ جي سڀ کان وڏي ۾ وڏي منڇر ڍنڍ جي پاڻي ۾ لاٿ جو سلسلو جاري آهي، آبپاشي کاتي موجب منڇر ڍنڍ ۾ پاڻي سطح 113  آرايل تائين پهچي چڪي آهي، جڏهن ته ايم اين وي ڊرين ذريعي بلوچستان توڙي سنڌ جي مختلف علائقن ۽ ڪاڇي جو پاڻي منڇر ڍنڍ ۾ ڇوڙ ٿيڻ جو سلسلو به جاري آهي، آبپاشي کاتي پاران ايس آر پي جي نگراني ۾ عالمي بئنڪ جي سهڪار سان منڇر ڍنڍ جي زيرو پوائنٽ، ايم اين وي ڊرين جي آر ڊي 4، آر ڊي 10، منڇر ڍنڍ جي بوبڪ بند وٽ آر ڊي 50، ۽ باغ يوسف وٽ آر ڊي 14 وٽان لڳايل سمورا ڪٽ بند ڪري رستو بحال ڪيو ويو آهي، جڏهن ته منڇر جو پاڻي سنڌو درياءُ ۾ خارج ڪرڻ لاءِ ايل ايس بچاءُ بند کي ڳوٺ ڪرمپور وٽان لڳايل ڪٽ اڃا تائين بند ناهي ٿي سگهيو، نه ئي وري انڊس لنڪ ڪئنال سم نالي کي لڳل ڪٽ بند ٿي سگهيو آهي جنهن جي ڪري ٽلٽي، ڪرمپور سميت ڪچي جي 30 کان وڌيڪ ڳوٺن جو سيوهڻ شهر سان زميني رابطو ڪٽيل آهي ۽ رهواسي مشڪلاتن کي منهن ڏيئي رهيا آهن، هوڏانهن منڇر جي ڀرسان واري يونين ڪائونسل واهڙ، يونين ڪائونسل بوبڪ ۽ يونين ڪائونسل جعفرآباد جي سوين ڳوٺن ۾ اڃا تائين منڇر جو پاڻي موجود آهي، يوسي واهڙ جي قديمي ڳوٺ علي حسن شاهاڻي، ڳوٺ مسواڻي جمالي، ڳوٺ خيرمحمد جمالي، ڳوٺ ميرمحمد سيهڙو، ڳوٺ رحمت الله سيهڙو، ڳوٺ کڏي رودناڻي، ڳوٺ ڪنڊو بوزدار، ڳوٺ  يوسف ٿيٻو، ڳوٺ ننگرخان بروهي، ڳوٺ عرس پنهيار ، ڳوٺ عاربي، اڪتڙ، ڳوٺ رمضان پنهيار، ڳوٺ ڪوٽ بروهي ،ڳوٺ علي شير بروهي ، ڳوٺ يوسف جمالي ، ڳوٺ صالع ڀنڊ ، ڳوٺ شير محمد بروهي ، ڳوٺ شفيع ٿلهو ، ڳوٺ دائم جي مياڻي ، ڳوٺ پرتو خان لنڊ سميت سوين ڳوٺن جي چوطرف ٻوڏ جو پاڻي بيٺل هجڻ سبب رهواسين کي سخت تڪليفن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. ان سلسلي ۾ ٻوڏ متاثر ڳوٺن جي رهواسين نورمحمد جمالي، مير منظور مينگل ، ماڻڪ جمالي ، عاشق بروهي ، منور علي فدا حسين بروهي ، آصف پنهيار ۽ ٻين ٻڌايو ته يوسي واهڙ ۽ يوسي جعفرآباد  جي مختلف ڳوٺن ۾ اڃا تائين 3 کان 4 فوٽ ٻوڏ جو پاڻي بيٺل هجڻ سبب ڳوٺن ۾ اچ وڃ لاءِ پريشان آهيون، هڪ طرف ٻوڏ سبب گهر ڊهي پٽ ٿي ويا، ته وري ٻئي طرف اسان جو ووئڻن جو فصل به تباه ٿي ويو، هاڻي پاڻي بيٺل هجڻ سبب اسان ڪڻڪ جو فصل به پوکي نه ٿا سگهون، هنن چيو ته سرڪار ٻيو ڪجهه نه ڏيئي پر ٻوڏ جو پاڻي نيڪال ڪرائي ڏئي جيئن اسين پنهنجي اباڻن ککن ۾ ٻيهر آباد ٿيون، ۽ ڪڻڪ جو فصل پوکي پنهنجو پيٽ گذر ڪريون، هنن سنڌ جي وڏي وزير سيد مرادعلي شاهه کان مطالبو ڪيو آهي ته يوسي واهڙ سميت سمورن علائقن مان فوري طور تي ٻوڏ جو پاڻي نيڪال ڪرائي متاثرن جي واهر ڪئي وڃي.

  • درگاهه گاجي شاهه ويندڙ رستو اڍائي مهينا گذرڻ باوجود به بحال نه ٿي سگهيو

ڀان سيدآباد: ڀان سيدآباد کان ڪاڇي جي مشهور درگاه حضرت گاجي شاهه ۽ ڇني طرف ويندڙ رستو اڍائي مهينا گذرڻ باوجود به بحال  نه ٿي سگهيو آهي، ايم اين وي ڊرين جي پل ڀرسان روڊ کي لڳل 5 مختلف هنڌن تان ڪٽ هجڻ سبب ڪاڇي جو رستو ڪٽيل آهي،جنهن جي ڪري ڪاڇي جي 100 کان وڌيڪ ڳوٺن طرف وڃڻ لاءِ متبادل طور تي سيوهڻ ٽو جهانگارا وارو اڙانگهو رستو اختيار ڪرڻو پوي ٿو، جنهن سبب ڪاڇي واسين کي سخت مشڪلاتون پيش اچن ٿيون، علائقي واسين ڪاڇي وارو رستو فوري طور تي بحال ڪرڻ جي گهر ڪئي آهي.

  • ايم اين وي ڊرين کي لڳل گهاري کي بند ڪرڻ ۾ ناقص مٽيريل جو استعمال

ڀان سيدآباد: ايم اين وي ڊرين کي آر ڊي 4 ۽ آر ڊي 10 وٽان لڳل گهاري کي بند ڪرڻ بعد ڄاڻايل هنڌ تي بند کي مضبوط  ڪرڻ واري ڪم ۾ ناقص مٽيءَ جو استعمال ٿيڻ لڳو آهي، ذريعن موجب ٺيڪيدار پاران آر ڊي 4 ۽ آر ڊي 10 تي مٽي وجهڻ بدران ايم اين وي ڊرين جي بند کي ڪٽي اتان ئي مٽي کڻي بند تي گهاري واري هنڌ وجهڻ جو ڪم جاري آهي، جڏهن ته ايم اين وي ڊرين جي ڀرسان پيل ناڪاره مٽي پڻ کڻي گهاري واري هنڌ بند تي وجهي پئي وڃي، خراب مٽي پوڻ سبب بند مضبوط ٿيڻ بجاءِ ڪمزور ٿيندو پيو وڃي. علائقي واسين جو چوڻ آهي ته ٺيڪيدار توڙي آبپاشي عملدار پاڻ ۾ ملي ڀڳت ڪري ايم اين وي ڊرين توڙي منڇر ڍنڍ جي بندن جي مضبوطي لاءِ آيل ڪروڙين روپيا هڙپ ڪرڻ چاهين ٿا ان جي ڪري ئي بند تي ناقص مٽي توڙي ٻيو خراب مٽيريل استعمال ڪيو پيو وڃي، علائقي واسين وزيراعلي سنڌ کان نوٽيس وٺي ناقص مٽيريل استعمال ڪندڙ ٺيڪيدار خلاف جاچ جو مطالبو پڻ ڪيو آهي.

  • ڀان_ ڇني لنڪ روڊ هنڌان هنڌان ٽٽي پيو، حادثا معمول بڻيل

ڀان سيدآباد: ڀان سيدآباد کان ڪاڇي طرف ويندڙ ڀان ڇني لنڪ روڊ به ٻوڏ سبب مڪمل طور تي تباهه ٿي ويو آهي، ڀان ڇني لنڪ روڊ جا  ٻئي پاسا ٻوڏ جي پاڻي جي وهڪري سبب تباهه ٿي ويا آهن، جنهن جي ڪري گاڏين کي اچ وڃ ۾ تڪليفون پيش اچن ٿيون، جڏهن ته روڊ ٽٽل هجڻ سبب حادثا پڻ معمول بڻجي چڪا آهن، ڀان ڇني لنڪ روڊ هنڌان هنڌان ٽٽي پيو آهي،علائقي واسين سنڌ سرڪار کان ٻيهر روڊ جي مرمت ڪرائڻ جي گهر ڪئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.