ڀٽائي آباد ۾ فائرنگ، شهري مارجي ويو

گلشن اقبال (ن ع آ)  ڪراچي جي علائقي ڀٽائي آباد ۾ ڏوھارين جي فائرنگ ۾ ھڪ شھري مارجي ويو. مارجي ويل شھريءَ جي جون پٽ اشرف مسيح جي نالي سان سڃاڻپ  ٿي. پوليس واقعي واري هنڌ تان هٿ ڪيل موٽر سائيڪل ۽ پسٽل جا خول پنھنجي تحويل ۾ ورتا ۽ شاهديون  گڏ ڪري ورتيون.علائقي واسين جو چوڻ هو ته ڦورو پنھنجي موٽرسائيڪل ڇڏي  فرار ٿي ويا ۽ مارجي ويل شخص جو لاش  رڪشا ۾ وجھي اسپتال نيو ويو.ٻڌايو  وڃي ٿو ته ڦورو 24 نمبر گھٽي مان ڦر ڪري فرار ٿي رھيا ھئا تھ اتي بيٺل ماڻهن کين پڪڙڻ جي ڪوشش ڪئي تھ موٽر سائيڪل ڪري پئي، جنھن کان پوءِ ڦورن فائرنگ ڪري ڏني، جنهن ۾هڪ شهري قتل ٿي ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.