عمران خان تي قاتلاڻي حملي جي جاچ لاءِ قائم جي آءِ ٽي جو سربراهه تبديل

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پنجاب سرڪار عمران خان تي قاتلاڻي حملي جي جاچ لاءِ قائم جي آءِ ٽي ۾ تبديلي ڪندي ڊيرا غازي خان جي آر پي او کي ڪميٽي جو سربراهه مقرر ڪري ڇڏيو  آهي.

پنجاب حڪومت هڪ ڏينهن اڳ وزير آباد حملي جي جاچ لاءِ ڪميٽي قائم ڪئي هئي جنهن ۾ پنجاب جي گهرو کاتي ڊي آءِ جي اسٽيبلشمينٽ سي پي او لاهور طارق رستم چوهاڻ کي جي آءِ ٽي جو سربراهه بڻايو ويو هو جڏهن ته آر پي او ڊي جي خان سيد خرم علي ۽ آءِ جي انويسٽيگيشن برانچ پنجاب احسان الله چوهاڻ، ڊي پي او وهاڙي محمد ظفر بوزدار ۽ ايس پي سي ڊي ڊي نصيب الله کي ميمبر طور شامل ڪيو ويو هو.

imran khan jit

اڄ پنجاب حڪومت جي آءِ ٽي ۾ تبديلي ڪندي ڪميٽي جي سربراهي آر پي او ڊي جي خان خرم علي جي حوالي ڪري ڇڏي آهي جڏهن ته گذريل ڏينهن مقرر ڪيل سربراهه رستم چوهاڻ کي ميمبر طور شامل ڪندي ميمبرن جو انگ پڻ وڌائي ڇڏيو آهي.

پنجاب حڪومت طرفان قائم ڪيل جي آءِ ٽي وزيرآباد سانحي بابت مڪمل جاچ ڪندي ۽ پنهنجي رپورٽ صوبائي گهرو وزارت کي پيش ڪندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.