کپرو ۾منشيات وڪرو ڪندڙن خلاف ڪريڪ دائون،6 ڄڻا گرفتار

کپرو(ن ع آ) نئين ڊي ايس پي کپرو گلزار مري جي آمد بعد کپرو پوليس حرڪت ۾ اچي وئي، ايس ايڇ او کپرو جمن کوسو پنهنجي ٽيم سان  گڏجي  منشيات فروشن خلاف ڪريڪ ڊائون ڪيو کپرو پوليس هٿونگو ۾ شراب جي بٺي تي ڇاپو هڻي محسن قائمخاني کي گرفتار ڪري ورتو محسن قائم خاني وٽان  201 ليٽر ڪچو  شراب هٿ ڪيو ويو  ٻئي طرف کپرو پوليس شھر ۾ ڪاروائي ڪري سليمان درس کي گرفتار ڪري سندس وٽان  1100  سئو زيڊ گولڊ جون پڙيون ۽ گٽڪا هٿ ڪري ورتا کپرو شھر گلاب ڀيل کي گرفتار ڪري سندس وٽان  30 ليٽر ڪچو شراب هٿ ڪيو ويو، سندس قبضي مان 770 زيڊ گولڊ گٽڪي جا پيالا هٿ، ٻي ڪارروائي ايس آءِ سلطان ڪيريو احمد قائم خاني کي گرفتار ڪري ورتو. سندس وٽان 250 زيڊ گولڊ گٽڪا  هٿ ڪري ورتا  ايس ايڇ او کپرو  جمن کوسو شھر ۾ ڪاروائي ڪري  رياض علي رند کي گرفتار ڪري سندس وٽان  30 ليٽر ڪچو شراب هٿ ڪيو ويو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.