پاڪ ايران گڏيل بارڊر ڪميشن جو ساليانو اجلاس شروع

تهران(ويب ڊيسڪ)پاڪستان ايران جوائنٽ بارڊر ڪميشن جو ساليانو اجلاس ايران جي شهر زاهدان ۾ شروع ٿي ويو آهي.

پاڪستان ايران جوائنٽ بارڊر ڪميشن جي سالياني اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت چيف سيڪريٽري بلوچستان عبدالعزيز عقيلي جڏهن ته ايران جي وفد جي قيادت گورنر جنرل سيستان بلوچستان حسين مدرس خياباني ڪري رهيو آهي.

پاڪستاني وفد ۾ اعليٰ وفاقي ۽ صوبائي اختياريون، سيڪيورٽي ادارن جا آفيسر ۽ چيمبر آف ڪامرس جا نمائندا به شرڪت ڪندا.

ٻن ڏينهن واري اجلاس ۾ بارڊر سيڪيورٽي، ٻنهي ملڪن وچ ۾ گڏيل واپار، ثقافت ۽ تعليم جي شعبن ۾ لاڳاپن جي فروغ ڏيڻ جا معاملا ايجنڊا جو حصو آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.