آل پاڪستان مسلم ليگ پاران فوج جي حمايت ۾ مظاهرو

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي پريس ڪلب ٻاهران آل پاڪستان مسلم ليگ جي طرفان مرڪزي سيڪريٽري جنرل سيف الرحمان جي اڳواڻي ۾ پاڪ فوج، آءِ ايس آءِ ۽ پاڪستان جي سيڪيورٽي ادارن سان اظهار يڪجهتي لاءِ ريلي ڪڍي وئي. ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان آرمي اسان جي پيشاني جو چراغ آهي، پاڪ فوج، آءِ ايس آءِ ۽ پاڪستان جي حفاظت ڪندڙ سمورا ادارا اسان جي ريڊ لائن آهن. هنن وڌيڪ چيو ته اسان پنهنجي پاڪ فوج تي ڪو به داغ برداشت نه ڪنداسين جڏهن ڪنهن اسان جي پاڪستان آرمي تي نظر رکي ته اسان 1965ع وانگر پنهنجي جان قربان ڪري ڇڏيندا سين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.