عرفان لغاري جي بنگلي ۾داخل ٿيڻ تي جيالي مٿان اهلڪارن جو تشدد، ڄنگھه ڀڃي ڇڏي

ميھڙ ( رپورٽ : فراز علي چنا)  پ پ پ ميهڙ جي پراڻي جيالي ڪامريڊ روشن کوسو کي ميھڙ ۽ ڪي اين شاھ مان چونڊيل پ پ پ ايم اين اي عرفان لغاري جي سيتا واري بنگلي لغاري هائوس اندر نه ڇڏيو ويو ۽ زور ڀرڻ تي ايم اين اي عرفان لغاري جي اوطاق جي گيٽ تي مقرر پوليس اهلڪارن سندس مٿان بي رحمانو تشدد ڪري روڊ تي اڇلائي ڇڏيو جنھن سبب جيالي جي ڄنگھه ڀڄي پئي ايم اين اي ھائوس تي مقرر پوليس اھلڪارن تشدد ڪري پ پ پ جي جيالي کي مرڻينگ ڪري ڇڏيو ان موقعي تي زخمي پ پ پ جي جيالي روشن کوسي دانھون ڪندي ٻڌايو تہ ميھڙ مان ايم اين سان ملڻ ۽ راشن وٺڻ آيو ھئس پر گيٽ تي مقرر پوليس اھلڪارن سخت تشدد ڪيو آھي مان پ پ پ جو پراڻو ورڪر آھيان پ پ پ لاء قربانيون ڏنيون ٻوڏ سبب واھر به ناھي ٿي ايم اين اي سان ملڻ آيس تہ پوليس عملدارن تشدد ڪيو آھي پارٽي قيادت نوٽيس وٺي پ پ جي پراڻن ورڪرن سان انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.