ڄاڃين تي ماکي جي مکين جو حملو، سوين زخمي

سرائي عالمگير ( ويب ڊيسڪ ) گجرات ۾ ماکي جي مکين ڄاڃين کي زمين تي ويهڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو.

پرڏيهي خابرو اداري موجب ماکي جي مکين جي ڄاڃين تي حملي وارو واقعو پاڪستان جي ضلعي گجرات جي تعلقي سرائي عالمگير ۾ پيش آيو، جنهن جي وڊيو انٽرنيٽ تي تيزي سان وائرل ٿي رهي آهي.

سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيندڙ وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ڄاڃي ماکي جي مکين جي ڏنگن کان بچڻ لاءِ زمين ويهي رهيا پر ان باوجود  اٽڪل 150 کان وڌيڪ ماڻهو حملي ۾ زخمي ٿي پيا آهن.

حملي ۾ زخمي ٿيندڙن کي فوري طور  ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي کين طبي امداد ڏني پئي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.