عمران خان تي حملي جي ايف آءِ آر جو حڪم، جسٽس يحييٰ آفريدي جو اختلافي نوٽ سامهون اچي ويو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان تي قاتلاڻي حملي جي ايف آءِ آر داخل ڪرڻ واري سپريم ڪورٽ جي حڪم تي جسٽس يحييٰ آفريدي جو اختلافي نوٽ سامهون اچي ويو آهي . جسٽس يحييٰ آفريدي پنهنجي اختلافي نوٽ ۾ لکيو آهي ته سپريم ڪورٽ طرفان ايف آءِ آر داخل ڪرڻ واري حڪم سخت خدشا آهن، موجودا ڪيس ۾ آءِ جي پنجاب کي ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جو حڪم ڏيڻ غير لاڳاپيل آهي.

واضح رهي ته ان کان اڳ وزيراعظم شهباز شريف چيف جسٽس پاڪستان عمر عطا بنديال کي خط لکي اڳوڻي وزيراعظم عمران خان تي حملي جو حقيقتون ڄاڻڻ لاءِ ڪميشن جوڙڻ جي استدعا ڪئي هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.