عمران خان تي حملي جي جاچ لاءِ جي آءِ ٽي جوڙڻ جو فيصلو

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پنجاب جي ڪابينا ڪميٽي عمران خان تي قاتلاني حملي واري ڪيس جي جاچ لاءِ جي آءِ ٽي جوڙڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

راجا بشارت جي صدارت هيٺ پنجاب ڪابينا جي لا اينڊ آرڊ بابت ڪميٽي جو سول سيڪريٽريٽ ۾ اجلاس ٿيو جنهن ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين تي حملي واري ڪيس جي جاچ لاءِ جي آءِ ٽي جوڙڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

جي آءِ ٽي جي سربراهي آءِ جي هاءِ ويز پيٽرول رياض نذير گاڙا ڪندو جڏهن ته ٻين ميمبرن ۾ لاڳاپيل ايجنسين جا نمائندا شامل هوندا.

ڪابينا ڪميٽي لانگ مارچ ۾ عمران خان لاءِ مخصوص سيڪيورٽي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

ان موقعي تي راجا بشارت چيو ته عمران خان جي ڪنٽينر تي بلٽ پروف روسٽرم ۽ گلاس لازمي لڳايو ويندو، اسنائپرز ۽ ٻين سيڪيورٽي انتظامن ۾ ڪوتاهي نه ٿيڻ گهرجي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.