راڻيپور ۾ حادثو، پيرسن موٽرسائيڪل جي ٽڪر ۾ فوت

راڻي پور (ن ع آ) راڻي پور قومي شاھراھ تي شاھ جي مشين اسٽاپ تي روڊ ڪراس ڪندڙ پيرسن 50 ساله قادر بخش شيخ کي سامھون ايندڙ موٽرسائيڪل جو ٽڪر لڳو. جنھن جي نتيجي ۾ قادر بخش ۽ موٽرسائيڪل سوار سخت زخمي ٿي پيا. جن کي زخمي حالت ۾ اتي موجود ماڻھن ۽ راھ ويندڙ کيس رورل ھيليٿ سينٽر راڻي پور پھچايو. جتي پيرسن قادر بخش شيخ زخمن جا سور نه سھندي دم ڌڻي حوالي ڪيو. جنھن بعد اسپتال مان ضروري ڪاورائي بعد فوتيءَ جو مڙھ وارثن حوالي ڪيو ويو. جيڪي کيس آبائي ڳوٺ فيروز حاجي کڻائي ويا. فوتيءَ جو مڙھ گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو. جڏھن ته موٽرسائيڪل سوار زخمي جي سڃاڻپ اشرف بليدي طور ٿي. جنھن بعد کيس طبي امداد ڏيڻ بعد گھر روانو ڪيو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.