مهانگائيءَ جي هن دور ۾ نيزا سستا، سبب ڇا آهي؟

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) گذريل ڪجهه سالن جيان هن سال به سياري جي مند ۾ خشڪ ميوا غريب جي پهچ کان پري رهندا پر نيزن جي اگهه ۾ حيرت جوڳي لاٿ ڏٺي پئي وڃي.

ملڪ جي مختلف حصن ۾ موسم ٿڌي ٿي چڪي آهي ۽ سياري ۾ ڊراءِ فروٽ جي طلب به وڌي ويندي آهي پر مهانگائي جي هن دور ۾ عوام خشڪ ميوا خريدڻ کان قاصر آهي.

جيڪڏهن نيزن جي ڳالهه ڪجي ته انهن جي قيمت گذريل ڪجهه سال آسمان تي رهي، 21-2020 ۾ في ڪلو نيزا 9 هزار رپين کان به وڌي ويا هئا پر گذريل سال انهن جي قيمت ڪِري هول سيل مارڪيٽ ۾ 6 هزار في ڪلو گرام تي اچي وئي هئي.

هلندڙ سال شديد مهانگائيءَ باوجود نيزن جي قيمت وڌڻ بدران گهٽجي وئي آهي ۽ هاڻ اهي هول سيل مارڪيٽ ۾ 5400 رپيا في ڪلو ملي رهيا آهن پر اها به حقيقت آهي ته اهي هاڻ به عام پاڪستانين جي پهچ کان پري آهن.

خشڪ ميون جو ڪاروبار ڪندڙن جو چوڻ آهي ته نيزن جي قيمت گهٽجڻ جو سبب عالمي مارڪيٽ ۾ گهٽ طلب ۽ افغانستان مان انهن جي مقامي مارڪيٽ ۾ آمد آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.