بڊاڻي ۾ 4 سالن جي ٻار سان مبينا بدفعلي

بڊاڻي )ن ع آ) بڊاڻي ۾ چار سالن جي ٻار  کي مبينا بدفعلي جو نشانو بڻايو ويو، اين سي داخل ٿيڻ بعد ٻار کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾/ لاڙڪاڻي اسپتال منتقل ڪيو ويو.ڳوٺ مولوي دڙو ۾ چار سالن جي عرفات پُٽ محمد حارف ڇڄڻ کي مبينا بدفعلي جو نشاڻو بڻايو ويو. نينگر جي وارثن پريس ڪلب پهچي احتجاج ڪيو. ان .موقعي نينگر جي چاچي محمد حنيف ڇڄڻ جو چوڻ ھو ته جوابدار نصير احمد ڇڄڻ هن جي ڀائيٽي کي زبردستي بدفعلي جو نشانو بڻايو. هن ٻڌايو ته ڀائيٽي کي ڳڻتي حالت ۾ ٿاڻي تي آندو، جتان بخشاپور اسپتال منتقل ڪيو،جتي حالت خراب هجڻ ڪري کيس لاڙڪاڻي منتقل ڪيو آهي، پوليس جوابدار کي گرفتار نه پئي ڪري. ھوڏانھن رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او مياڻي ايٽ بڊاڻي عبدالحفيظ چاچڙ  ٻڌايو ته نينگر جي وارثن کي ليٽر ڏنو آھي، ميڊيڪل رپوٽ اچڻ بعد ڪيس داخل ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.