سنڌ حڪومت ڌاڙيلن خلاف ضروري وسيلا استعمال ڪري: صدر مملڪت

اسلام آباد(بيورو+م ڊ) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سنڌ جي ضلعي گوٽڪي ۾ ڌاڙيلن جي حملي جي دوران اغوا ٿيندڙ جي بازيابي جي لاءِ آپريشن ۾ پوليس اهلڪار جي شهيد ٿيڻ تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ڊي ايس پي عبدالمالڪ ڀٽو، انسپڪٽر عبدالمالڪ ڪمانگر، سب انسپڪٽر دين محمد لغاري، ڪانسٽيبل جتوئي خان پتافي ۽ محمد سليم چاچڙ سميت شهيد پوليس اهلڪارن کي خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ انهن جي بلند درجن جي لاءِ دعا ڪئي. صدر پوليس اهلڪارن جي همت ۽ بهادري کي ساراهيندي چيو ته شهرين جي تحفظ، سلامتي ۽ ذهني سڪون فراهم ڪرڻ رياست جي ذميواري آهي. صدر چيو ته حڪومت پنهنجي اختيارن ۾ تمام ضروري وسيلا استعمال ۾ آڻي، اهڙن واقعن کي سختي سان منهن ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن انهن بنيادي سببن کي حل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو، جيڪي شهرين جي معاشري جي لاءِ هڪ خطري ۾ تبديل ڪرڻ جي لاءِ مجبور ڪن ٿا

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.