مڪي شريف ۾ پاڪستاني عورت ٻارڙي کي اغوا ڪرڻ جي الزام ۾ گرفتار

مڪو شريف (ويب ڊيسڪ) مڪي شريف جي پوليس 5 ورهين جي ٻارڙي کي اغوا ڪرڻ جي الزام ۾ پاڪستاني عورت کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

عرب ويب سائيٽ موجب 29 آڪٽوبر تي برمي شهريت رکندڙ 5 ورهين جي نينگري مڪي جي علائقي الشقيه مان گم ٿي وئي هئي.

گم ٿيل نينگري جو نالو رتل اسد ٻڌايو پيو وڃي، مقامي پوليس فوري طور تي ڇوڪريءَ کي والدين سان ملائڻ لاءِ ڪارروائي ڪئي ۽ ڇوڪريءَ جي اغوا جو واقعو به سوشل ميڊيا تي ٽاپ ٽرينڊ بڻجي ويو.

پوليس پهرين نومبر تي ٻارڙي کي ساڳئي علائقي مان گم ٿيل هٿ ڪيو پر پوليس جوابدار جي گرفتاري لاءِ جاچ جاري رکي.

5 ورهين جي ٻارڙي رتل اسد جي ماءُ ٻڌايو ته اغوا ڪندڙ عورت ڌيءَ کي ڪنهن ٻئي علائقي ۾ وٺي وڃڻ چاهي پئي، ان مقصد لاءِ هنن ڇوڪريءَ جا وار به ڪٽيا ته جيئن ڪير کيس سڃاڻي نه سگهي پر صورتحال ڏسندي هو فرار ٿي وئي.

6 نومبر تي پوليس سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ چيو ته ڇوڪري جي اغوا ۾ ملوث هڪ عورت کي حراست ۾ ورتو ويو آهي، اها عورت پاڪستاني شهري آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.