دڙي ويجهو ڳوٺاڻو هفتي کان پراسرار نموني گم، پوليس تي الزام

دڙو (ن ع آ)دڙي ويجهو ڳوٺ طاهر سومرو جو رهواسي 60  ورهين جو محمد عمر سومرو گذريل هڪ هفتي کان پراسرار نموني گم ٿي ويو آهي وارثن پاران ڳولا باوجود سندس ڪو به ڏس پتو پئجي نه سگهيو آهي جنهن ڪري گم ٿيل ڳوٺاڻي جا وارث سخت پريشان ٿي ويا آهن ان ڏس ۾ گم ٿيل ڳوٺاڻي عمر سومرو جي ڀاءُ ۽ ٻين وارثن دانهيندي ٻڌايو ته سندس ڀاءُ گهران نڪرڻ بعد هڪ هفتو گذرڻ باوجود اڃا تائين واپس ناهي موٽيو اسان هرهنڌ ڳولا ڪئي آهي پر هو هٿ اچي نه سگھيو آهي هنن چيو ته اسان کي شڪ آهي ته پوليس کيس گرفتار ڪرڻ بعد گم ڪري ڇڏيو آهي هنن مطالبو ڪيو ته سندس ڀاءُ کي بازياب ڪرائي انصاف ڪيو وڃي هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي دڙو پوليس پاران ڳوٺاڻي عمر سومرو جي گرفتاري کان لاتعلقي ظاهر ڪندي چيو ته اسان کي عمر سومرو جي گرفتاري بابت ڪا به ڄاڻ نه آهي ۽ نه ئي اسان کيس گرفتار ڪيو آهي جڏهن ته وارثن پاران ڳوٺاڻي جي گمشدگي جي رپورٽ داخل ڪرائي وئي آهي جنهن تحت جاچ ڪري رهيا آهيون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.