بابر کي فارم ۾ واپسي جي صلاح ڏيندڙ اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽر تي مداح ڪڙڪي پيا

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم جي فارم ۾ واپسي لاءِ اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽر آڪاش چوپرا تبصرو ڪيو جنهن تي هو سخت تنقيد کي منهن ڏئي رهيو آهي.

آڪاش چوپڙا چيو ته کيس ذريعن وٽان معلوم ٿيو آهي ته وارت ڪوهلي بابر اعظم لاءِ ٽوئيٽ ڪري ته بابر اعظم پنهنجي فارم ۾ واپس اچي سگهي ٿو.

آڪاش پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي مختلف ڪپتانن جي هڪ ايڊٽ وڊيو شيئر ڪئي ۽ چيو ته اسان ڄاڻو ٿا ته عالمي ڪپ ڪپتانن لاءِ سٺو ثابت نه ٿي رهيو پر هاڻ انگلينڊ جي ڪپتان جوز بٽلر  ۽ آسٽريليا جي ڪپتان فنچ سميت ڏکڻ آفريڪي ڪپتان ٽيمبا بووما به عالمي ڪپ ۾ رنسون ٺاهي رهيا آهن پر بابر ناهي ٺاهي سگهيو.

آڪاش بابر بابت وڊيو تي کيس سوشل ميڊيا واهپيدارن طرفان سٺي ڇنڊ پٽي وئي آهي.

هڪ واهپيدار آڪاش کي جواب ڏيندي لکيو ته بابر جو رنسون ٺاهڻ اسان جي پلاننگ آهي انڪري چپ ٿي وڃو.

ٻئي پاسي هڪ واهپيدار ڀارتي ڪپتان روهت شرما جي اننگز به آڪاش کي ياد ڏياري چيو ته روهت به عالمي ڪپ ۾ فلاپ ٿي رهيو آهي.

بابر شيخ نالي واهپيدار بابر ۽ رضوان جي يادگار اننگز ياد ڏياري ۽ چيو ته اوهان ماڻهن کي وري ڏهه وڪيٽن جو سرپرائيز ڏيڻو پوندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.