ماما جمن سنڌ جو عاشق، سندس هر سِٽ ۾ انقلاب هو:اديب شاعر

نوشهرو فيروز(ڊر )سنڌ جي ناليواري قومي شاعر ماما جمن دربدر جي ياد ۾ ميڙاڪو سنڌي ادبي سنگت شاخ بچل مهر پاران نيشنل پريس ڪلب نوشهرو فيروز ۾ سنگت جي ضلعي رابطا سيڪريٽري سبحان سوز جتوئي جي صدارت ۾ ٿيو جنهن کي خطاب ڪندي سبحان سوز جتوئي، سنگت شاخ مورو جي سيڪريٽري رضا لانگاهه، محرابپور جي سيڪريٽري خالد راڄپر، جبار ملاح، محمد يونس راڄپر، رسول بخش گچيرائي، اشفاق احمد تڳر، اقبال حسين ميمڻ، محبتي ملاح، ايم ظفر تڳر، امجد ميمڻ، ساگر يوسف منگي، عاجز نوح پوٽو، مير حسن مهر، ڊاڪٽر برڪت ملڪ، نور محمد ناز،  امانت وسطڙو ۽ ٻين چيو ته ماما جمن بدر سنڌ جو عاشق شاعر هو، جنهن جي هر سِٽ ۾ انقلاب سمايل هو. هن عظيم انسان کي اسان ياد ڪري سنڌ کي ياد ڪيو آھي. هنن چيو ته جمن دربدر کي پوري سنڌ ماما سان ياد ڪري ٿي، اهو سندس سنڌ سان عشق جو حقيقي ثبوت آھي. جمن دربدر فقير منش انسان هو جنهن کي ڪپڙن جي پرواهه نه هئي سادڙو رهي ڪري به هن عشق ۽ انقلاب جي واٽ ڏسي. هنن چيو ته ماما جمن دربدر نه رڳو شاعر هو پر سٺو راڳي هو جنهن ڌرتيءَ تي ڪافي محفلون مچايون، سندس رقص جو انداز به نرالو هو جنهن ۾ هو گم ٿي ويندو هو. ميڙاڪي ۾ گلبهار مري ۽ غلام حسن ڪلهوڙو قومي انقلابي گيت ٻڌائي محفل کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا. 03

ڪراچي ۾ جمن دربدر کي شاهه جي شاعري ذريعي ڀيٽا پيش

ڪراچي (رپورٽر) نامياري شاعر جمن دربدر کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ وير پبليڪيشن پاران پريس ڪلب جي سهڪار سان جمعي ڏينهن هڪ تقريب ٿي. ان موقعي تي منٺار فقير جوڻيجو ۽ سندس نياڻين دنبوري جي ساز تي شاه عبداللطيف ڀٽائي رح جي شاعري ڳائي ۽ خوب داد حاصل ڪيو. ان شاندار تقريب ۾ ڪراچي پريس ڪلب جي عهديدارن ، سينيئر صحافين ۽ تعليمي ماهرن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ناليواري مصنف ۽ پبلشر عبدالستار وسطڙي جي ترتيب ڏنل ڪتاب “شاه جون سورميون” جو مهورت پڻ ٿيو . 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.