رتي ديري ۾ جسم چيئرمين جي گهر تي چڙهائي ۽ڪراچي واقعي خلاف احتجاج

رتيديري ( ن ع آ ) رتوديرو ۾ جيئي سنڌ محاذ پاران جسم جي چيئرمين رياض چانڊيو جي گھر تي ڪيل چڙهائي ۽ ڪراچي واري علائقي مڇر ڪالوني ۾ هجوم هٿان قتل ٿي ويل ٻن سنڌي نوجوانن جي واقعي  خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي مظاهرين اڳواڻن سينيئر وائيس چيئرمين عزيز الله ڀٽو ، ذوالفقار بليدي ، غلام النبي مڱڻيجو ، اياز لولائي ، ديشي ميراڻي ، تنوير مرکياڻي ، صداقت چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شهر جي روڊن رستن تان ٿيندا رتوديرو پريس ڪلب پهتا جتي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته جسم چيئرمين رياض چانڊيو جي گھر مٿان ٿيل چڙهائي جي اسان سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا، هنن چيو ته اهڙيون حرڪتون ڪرائي اسان کي هيسائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي پر اسان جا حوصلا بلند آهن مڇر ڪالوني ۾ ٻن سنڌي نوجوانن کي بيرحمي سان قتل ڪيو ويو جيڪا هڪ سوچيل سمجھيل سازش آهي هنن چيو ته سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن سان هر وقت ناانصافيون ڪيون ويون آهن پر هاڻي اهڙين ناانصافين خلاف سنڌ جو عوام اٿي پيو آهي مظاهرين مطالبو ڪندي چيو ته سنڌ مان ڌارين جي لوڌ کي نيڪالي ڏني وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.