حيدرآباد جي تبسم هندي سئنما جي ڪامياب اداڪارا تبو ڪيئن بڻي؟

ممبئي ( ويب ڊسڪ ) بالي ووڊ انڊسٽري کي ڪيئي يادگار فلمون ڏيندڙ اداڪارا تبو اڄ پنهنجي سالگرهه ملهائي رهي آهي.

بالي ووڊ جي اداڪارا تبسم هاشمي عرف تبو اڄ 51 سالن جي ٿي وئي آهي.

هندي سئنما جي ليجنڊري اداڪارا شبانه اعظمي جي ڀائٽي تبسم هاشمي 1971ع  ۾ چار نومبر تي ڀارتي شهر حيدرآباد دکن ۾ اک کولي ، هن شروعاتي تعليم پنهنجي اباڻي شهر ۾ حاصل ڪئي.

تبو اڻويهه سو ٽياسي ۾ وڌيڪ پڙهائي لاءِ ممبئي آئي ۽ پنهنجي ڀيڻ فرح ناز جي پيروي ڪندي ڀارتي فلم انڊسٽري ۾ قدم رکيو.

تبو 15 ورهين جي عمر  فلم هم نوجوان  ۾ مختصر ڪردار سان ڪيريئر جي شروعات ڪئي.

هن  پهريون ڀيرو مشهور هدايتڪار بوني ڪپور جي فلم ”پريم“ ۾ سنجي ڪپور سان مرڪزي ڪردار ادا ڪيو ۽ پنهنجي محنتن ۽ صلاحيتن جي بنياد تي ڪاميابي جون منزلون ماڻيون.

اجي ديوگن سان فلم ”وجي پٿ“ ۾ يادگار اداڪاري ڪرڻ تي کيس فلم فيئر ايوارڊ سان نوازيو ويو .

ماچيس، وراثت ۽ چاندني ۾ شاندار اداڪاري ڪرڻ تي کيس مداحن طرفان ڀرپور موٽ ملي.

پنهنجي شاندار اداڪاري ذريعي ڪيئي دلين تي راڄ ڪندڙ بالي ووڊ سندري پنهنجي 36 سالا فلمي ڪيريئر دوران ڪيئي يادگار فلمن ۾ ڪم ڪيو جن ۾ ساجن چلي، سسرال، جيت، بارڊر، وراثت، بيوي نمبر ون، هم ساٿ ساٿ هين، هيرا ڦيري، چيني ڪم، بنده يه بنداس هي، جال، رانا ۽ حيدر، گول مال اگين، ڀول ڀليا ۽ ٻيون شامل آهن.

فلم انڊسٽري ۾ لازوال ڪم جي اعتراف طور ڀارتي سرڪار کيس پدم شري اعزاز سان نوازي چڪي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.