تحريڪ انصاف جا ڪارڪن آئوٽ آف ڪنٽرول، شهرن ۾ ڀڃ ڊاهه، چڪريون

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) عمران خان تي حملي خلاف پي ٽي آءِ جو سڄي ملڪ ۾  پرتشدد احتجاج جاري آهي، ڪارڪنن لاهور ۾ گورنر هائوس تي چڙهائي ڪري پارٽي جو جهنڊو ڦڙڪائي ڇڏيو، اسلام آباد ۽ راولپنڊي کي ملائيندڙ فيض آباد پل جنگ جو ميدان بڻجي وئي.

پي ٽي آءِ جي مرڪزي اڳواڻ اسد عمر ٽوئيٽ ذريعي اعلان ڪيو هو ته اڄ جمعي نماز کانپوءِ  ملڪ ۾ احتجاج جو سڏ ڏنو هو.

پي ٽي آءِ جي قيادت جي سڏ کانپوءِ ملڪ جي مختلف شهرن ۾ پي ٽي آءِ ڪارڪنن پر تشدد احتجاج شروع ڪري ڏنو آهي.

ڪارڪنن ٽائر ساڙي،  اهم روڊ رستا بند ڪري ڇڏيا آهن، احتجاج ۾ مڇريل ماڻهو وفاقي سرڪار ۽ خاص طور وزيراعظم شهباز شريف ۽ راڻا ثناءُ الله خلاف سخت نعريبازي ڪري رهيا آهن.

لاهور ۾ پي ٽي آءِ ڪارڪنن پاران گورنر هائوس ٻاهران باهيون، گهيراءُ، گيٽ تي چڙهي ويا

لاهور ۾ تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن گورنر هائوس تي چڙهي ويا، مڇريل ڪارڪنن گورنر هائوس جي دروازي ٻاهران ٻاهه ڏئي ڇڏي ۽ ڀتون ٽپي گورنر هائوس ۾ گهڙي ويا، پي ٽي آءِ ڪارڪنن استقاباليه ڪيبن جا شيشا ٽوڙي گورنر هائوس تي پي ٽي آءِ جو جهنڊو ڦرڪائي ڇڏيو آهي.

راولپنڊي ۾ شيخ رشيد جي ڀائيٽي راشد شفيق جي قيادت ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، ريلي ۾ شامل ڪارڪنن سخت نعريبازي ڪئي ۽ ڪميٽي چوڪ تائين احتجاج ڪيو.

پنڊي ۾ ئي جي ٽي روڊ کي چڪ بيلي موڙ ويجهو بند ڪري سخت احتجاج ڪيو ويو، جي ٽي روڊ ٻنهي پاسن کان بند ٿيڻ کانپوءِ مسافر سخت پريشاني کي منهن ڏئي رهيا آهن.

پي ٽي آءِ ڪارڪنن ۽ پوليس ۾ چڪريون، فيض آباد جنگ جو ميدان

اسلام آباد ۾ فيض آباد پل وٽ مظاهرين پهچي ويا آهن جنهن کي ٽريفڪ لاءِ بند ڪيو ويو آهي جڏهن ته اسلام آباد کان فيض آباد ويندڙ ٽريفڪ کي اسٽيڊيم روڊ ڏانهن موڙيو ويو آهي، پي ٽي آءِ ڪارڪنن ايف سي اهلڪارن ۽ اسلام آباد پوليس تي پٿراءُ ڪيو جنهن تي اسلام آباد پوليس شيلنگ شروع ڪري ڇڏي ۽ پٿراءُ ڪندڙ ٻن ڪارڪنن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

احتجاج ڪندڙن فيض آباد ويندڙ رستا مڪمل طور بند ڪري ڇڏيا آهن جنهن سبب اسلام آباد ويندڙ شهري سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن.

ملڪ گير احتجاج جي سڏ تي پي ٽي آءِ جي عورت ڪارڪنن پڻ  اسلام آباد پريس ڪلب جي آڏو سخت احتجاج رڪارڊ ڪرايو .

اسلام آباد پوليس موجب ڪنهن کي رستا بند ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، پوليس کي هدايت ڏني وئي آهي ته اسلام آباد ۾ اچ وڃ وارن رستن کليل رکيا وڃن، قانون جي دائري ۾ پرامن احتجاج شهرين جو حق آهي پر ڪنهن کي قانون جي ڀڃڪڙي جي ڪنهن صورت اجازت نه ڏني ويندي.

شاهراهه فيصل تي پوليس جي شيلنگ

ڪراچي ۾ مظاهرين شاهراهه فيصل جا ٻئي پاسا بند ڪري ڇڏيا جنهن سبب گاڏين جون ڊگهيون قطارو لڳي ويون  آهن جنهن سبب شهري سخت پريشاني کي منهن ڏئي رهيا آهن.

پي ٽي آءِ ڪارڪنن نرسري کان ميٽروپول ڏانهن مارچ ڪيو، ان دوران پوليس ۽ پي ٽي آءِ ڪارڪنن ۾ چڪريون ٿيون، ڪارڪن عائشه باواني وٽان پوليس جي گهيراءُ  ٽوڙي ريجنٽ پلازا تائين پهچي ويا، پوليس ڪارڪنن کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ شيلنگ ڪئي .

پشاور ۾ تحريڪ انصاف جي ڏنڊا بردار ڪارڪنن موٽري وي ۽ خيبر روڊ کي رڪاوٽون لڳائي بند ڪري ڇڏيو، ڪارڪنن پوليس جي بڪتربند گاڏي تي حملو ڪيو.

اوڪاڙا باءِ پاس وٽ احتجاج سبب ايمولينس ڦاسي پئي، ڊرائيور رستو ڏيڻ لاءِ منٿون ڪندو رهيو پر مظاهرين رستو ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.