آريجا لڳ موٽر سائيڪل سلپ ٿيڻ سبب عورت فوت

خير محمد آريجا ( ن ع آ ) گذريل رات دير سان ڏوڪريءَ کان موٽر سائيڪل تي سوار اياز علي چانڊيو پنھنجي ماءُ گلزار خاتون کي لاڙڪاڻو معظم ڪالوني ميروخان پنھنجي گھر ڏانھن وڃي رھيا ھئا ته آريجا لڳ مولوي شاخ وٽان گاڏي سلپ ٿيڻ سبب عورت گلزار خاتون کي ڌڪ لڳا، جنھن کي سندس پٽ اياز علي چانڊيو لاڙڪاڻو ايمرجنسي وارڊ ۾ کڻائي ويو، جيڪا زخمن جا سور نه سھندي فوت ٿي وئي، اھڙو اطلاع يونيورسٽي ٿاڻي تي سندس پٽ اياز علي ڏنو، جيڪو لاش کڻائي ڏوڪري تعلقي اسپتال مان لاش پوسٽ مارٽم ڪرائڻ لاءِ کڻي ويا سموري رات انتظار ڪندي ليڊي ڊاڪٽر نه ھجڻ ڪري وري صبح جو لاش کي لاڙڪاڻو پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد سندس پٽ اياز علي چانڊيو جي حوالي ڪيو ويو، ھوڏانھن عورت جي عمر 54 سال ٻڌائي وڃي ٿي، يونيورسٽي ٿاڻي جي وڏي منشي سان رابطو ڪيو ويو ھن ٻڌايو ته اسين لاش ڏوڪري اسپتال کڻي وياسين سموري رات ليڊي ڊاڪٽر لاءِ انتظار ڪيو صبح جو وري لاش لاڙڪاڻي کڻي اتان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد ڪاغذي ڪارروائي ڪري لاش وارثن حوالي ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.