ڏهرڪي لڳ اينگرو ڪمپني ملازم پراسرار نموني گم، وارثن کي اغوا شڪ

ڏھرڪي ( رپورٽ:  اجيت ڪمار گودواڻي  ) ڏهرڪي ويجهو ڳوٺ ٻٽو سميجو جو رھواسي 32 ورهين جو  غلام حسين سميجو پراسرار نموني گم ٿي ويو،  جنهن بعد سندس وارثن پاران اغوا جو شڪ ظاهر ڪيو آهي، ان سلسلي ۾ گم ٿيل نوجوان غلام حسين سميجو جي ڀاءُ اختر سميجو ٻڌايو ته منهنجو وڏو ڀاءُ غلام حسين سميجو اينگرو ڪمپني ۾ ملازم آهي، جيڪو  پراسرار نموني گم ٿي ويو آهي، جنهن جو موبائل نمبر پڻ بند پيل آهي،اسان جي ڀاءُ جي گمشدگي بابت رهڙڪي پوليس کي پڻ اطلاع ڏنو آهي، پر ان باوجود پوليس ڀاءُ جي ڳولا ۾ اسان جي ڪا به مدد ناهي ڪئي، جنهن بعد اسان کي شڪ آهي ته اسان جي ڀاءُ کي اغوا ڪيو ويو آهي، هوڏانهن رهڙڪي پوليس موجب اسان واقعي واري هنڌان نوجوان جي موٽر سائيڪل ملي آهي، وڌيڪ پوليس جاچ ڪري رهي آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.