ڪراچي ۾مبينا مقابلو، ڦورو مارجي ويو،ايس ايڇ او زخمي

ڪراچي (رپورٽر)  ڪراچي ۾ مبينا مقابلي دوران ڦورن جي فائرنگ ۾ سر سيد ٿاڻي جو  ايس ايڇ او زخمي ٿي پيو، پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ڦورو مارجي ويو. رپورٽ موجب سر سيد ٿاڻي جي حد نارٿ ڪراچي سيڪٽر اي 7 بلال ڪالوني ۾ مبينا مقابلي دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ايس ايڇ او سر سيد ٻانھن ۾ گولي لڳڻ جي نتيجي ۾ زخمي ٿي پيو.  پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ ھڪ جوابدار مارجي ويو  جڏھن ته مارجي ويل جوابدار جو ساٿي فرار ٿي ويو. مارجي ويل جوابدار جو لاش عباسي شھيد اسپتال منتقل ڪيو ويو. زخمي ايس ايڇ او سر سيد سب انسپڪٽر شاھد تاج ٻڌايو ته  ھو نيو ڪراچي انڊسٽريل ايريا جي پوليس پارٽي سان گڏ علائقي ۾ ڪومبنگ آپريشن ۾ مصروف ھئا،  اطلاع ملڻ تي بلال ڪالوني ۾ ھڪ گھر جي ڇت تي ڦورو ويھي منصوبابندي ڪري رھيا ھئا، جنهن جي اطلاع تي پوليس پارٽي سان گڏ ان گھر جو گھيراءُ ڪيو ته پوليس کي ڏسندي جوابدارن فائرنگ ڪري ڏني، ٻانھن ۾ گولي لڳڻ جي نتيجي ۾ هو  زخمي ٿي پيو ، پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ ھڪ  جوابدار مارجي ويو، جنهن  جي سڄاڻپ بائيو ميٽرڪ ذريعي 28 سالن جي آدم خان ولد اڪبر خان جي نالي سان ٿي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.