فارن فنڊنگ ڪيس ۾ عمران خان جي ضمانت ۾ واڌ

اسلام آباد(م ڊ) اسلام آباد جي بئنڪنگ ڪورٽ جي جج رخشده شاهين منع ٿيل فارن فنڊنگ ڪيس ۾ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي ضمانت ۾ 10 نومبر تائين واڌ ڪندي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور ڪري ورتي. سومر ڏينهن عدالت فارن فنڊنگ ڪيس ۾ عمران خان جي حاضري معافي جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. عمران خان جي وڪيلن طرفان حاضري معافي جي درخواست ڏني وئي جنهن کي عدالت منظور ڪندي عارضي ضمانت ۾ 10 نومبر تائين واڌ ڪري ڇڏي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.