حريم شاهه عامر لياقت حسين جي موت جو سبب بيان ڪري ڇڏيو

حريم شاهه ڊاڪٽر عامر لياقت جي موت جو ڪارڻ ٻڌائي ڇڏيو آهي.

حريم شاهه تازو هڪ ڊجيٽل ميڊيا پليٽ فارم تي انٽرويو ڏنو آهي جنهن ۾ سوشل ميڊيا جي منفي اثرن بابت ڳالهه ٻول ڪندي عامر لياقت جي موت جو ذڪر ڪيو آهي.

هن چيو ته ماڻهن ۾ منفي سوچ گهڻي آهي، هوءَ ٽرولنگ تي گهڻو ڌيان ناهي ڏيندي پر هن چيو ته کيس ڄاڻ آهي گهڻي ٽرول سان ڪيترائي ماڻهو مارجي ويا آهن.

هن وڌيڪ چيو ته تازو عامر لياقت جو واقعو ڏسي سگهجي ٿو ته هو پوڊ ڪاسٽس ۾ آيو چهري تي خوشي هئي جنهن جو ذڪر هن پنهنجي مڙس سان به ڪيو پر جلد عامر لياقت جي موت جي خبر آئي.

هن چيو ته اسان پنهنجي ويجهي ماڻهن مان ٽرولنگ برداشت ناهيون ڪري سگهندا مثال ڪو مڙس پنهنجي زال يا زال پنهنجي مڙس جي ٽرولنگ لاءَ غيراخلاقي مواد ونڊيندو وتندو ته اعتماد ٽٽي پوندو ۽ انسان ٽٽي پوندو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.