لانگ مارچ پرامن آهي، اِها مخالفن جي ڀُل آهي، اسان کي ڪير به روڪي نٿو سگهي: پرويز خٽڪ

پشاور ( ويب ڊيسڪ ) پي ٽي آءِ اڳواڻ پرويز خٽڪ پردي پٺيان ۽ حڪومت سان ڳالهين لاءِ ڪنهن سان ملاقات جي ترديد ڪري ڇڏي .

پشاور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پرويز خٽڪ چيو ته اسان قانونسازي نه پيا ڪري سگهون، ڇو جو اسان وٽ اتحادي هئا، انڪري اسان بليڪ ميل ٿيندا رهياسين.

هن چيو ته جنهن ڏينهن عمران خان لاٿو ويو ان ڏينهن کان احتجاج ڪري رهيا آهيون ۽ اسان جهموري ماڻهو آهيون، اسان کي اچڻ ڏيو، اسان اتي ويهي رهنداسي.

پرويز خٽڪ چيو ته ڳالهين لاءِ حڪومت سان ڪائي ملاقات ناهي ڪئي ۽ هن وقت پردي پٺيان ڳاليهون نه پيون ٿين.

هن وڌيڪ چيو ته اسان جو لانگ مارچ پرامن آهي، جيڪڏهن پي ڊي ايم ٽڪراءُ چاهي ٿي ته اهو انهن جو پنهنجو مسئلو آهي، اسان هر حال ۾ لانگ مارچ ۾ اڳتي وڌنداسين، اسان کي ڪير به روڪي نٿو سگهي اها انهن جي غلط فهمي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.