سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي وڪيلن طرفان قتل ڪيس وڙھڻ جو اعلان

ٺٽو (ڊ ر) سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي وڪيلن ڪراچي جي مڇر ڪالوني واري علائقي بيدردي سان قتل ڪيل ٻن نوجوانن جي قتل جو ڪيس وڙھڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آھي. ان سلسلي ۾ ٺٽي سان تعلق رکندڙ نوجوان وڪيل ثناءُالله سومرو ۽ سجاول ضلعي سان تعلق رکندڙ بئريسٽر عنايت الله ملڪاڻي ٻنھي مقتولن جي قتل جو ڪيس مفت ۾ وڙھڻ جو اعلان ڪندي چيو آھي ته ھڪ سوچيل سمجھيل سازش تحت سنڌين کي ڪراچي ۾ ٽارگيٽ ڪيو پيو وڃي ته جيئن سنڌي ماڻھو ڪراچي ۾ نه اچن، سنڌ حڪومت کي سنڌين جي ڪراچي ۾ مالڪي ڪرڻي پوندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.