نومبر مهينو فيصلائتو، عمران ڀارت جي هٿن ۾ کيڏي پيو: خواجا آصف

سيالڪوٽ (م ڊ) بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته نومبر مهينو سياسي طور تي فيصلائتو ثابت ٿيندو. سيالڪوٽ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي خواجا آصف چيو ته عمران خان جو اصل چهرو عوام سامهون اچي چڪو آهي، انهن جي غلط فهمي ڏينهن ۾ ختم ٿي ويندي. هن چيو ته ايندڙ مهينو سياست جي حوالي سان تمام گهڻو اهم آهي، نومبر جو مهينو سياسي طور تي فيصلائتو ثابت ٿيندو، آئين آرمي چيف جي مقرري جو اختيار وزيراعظم کي ڏنو آهي، عمران خان جي ذهن ۾ آيو ته آرمي چيف جي مقرري سياستدانن جو حصو آهي، سياستدان آرمي چيف جي مقرري ڪندا ته ڇا بچندو؟ سندس چوڻ هو ته فوج بچاءَ واري وزارت ذريعي نالا موڪليندي، وزيراعظم جو اختيار آيه ته آرمي چيف مقرر ڪري، عمران خان قومي اسيمبلي ڪارڪن ئي ناهي ته ڪيئن ٿو صلاح ڏئي؟ سڄي عمل ۾ اڻڄاتل عمران خان جو ڪو ڪردار ناهي. خواجا آصف چيو ته عمران خان وٽ ڪجهه ناهي بچيو، هو ڪيترن ئي هفتن کان اسٽيبلشمينٽ کي ٽارگيٽ ڪري رهيو آهي.03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.