ٺارو شاهه لڳ چڙهائي، پوليس جو عورت تي تشدد، نوجوان کي کنڀي وئي، احتجاج

ٺاروشاھ   ( ن ع آ ) ٺاروشاھ ڀرسان ڳوٺ جمال اڄڻ ۾ پوليس جي چڙھائي چادر چار ديواري جو تقدس پامال عورتن ٻارڙن تي  تشدد ٽي ٻڪريون ڪاهي ويا،  ھڪ نوجوان کي کنڀي ويا، نوجوان مٿان شراب وڪروڪرڻ جو ڪوڙو ڪيس  داخل ڪرڻ تي ڳوٺ جمال اڄڻ جي رھواسي عورتن عشرت خاتون ، ڏاڏي خيران اڄڻ ۽ ٻين ٺاروشاھ پوليس خلاف احتجاج ڪندي چيو ته ٺاروشاھ پوليس رات جي وقت گھر ۾ گھڙي عورتن ٻارڙن مٿان تشدد ڪري ٽي ٻڪريون ڪاهي وئي، نوجوان شاھن اڄڻ کي کنڀي وئي،  جنهن مٿان ڪوڙو شراب وڪرو ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪيو آھي، ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي نوشهرو ڪيس ختم ڪري تحفظ ڏئي، ٻئي صورت ۾ احتجاج ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.