سانگهڙ ۾ بيماري سبب چوپايو مال مرڻ لڳو، مالوند پريشان

سانگهڙ(رپورٽ محمد حسين بلوچ) سانگهڙ ۽ ان جي ڀرپاسي علائقن ۾ چوپايو مال ۾ مختلف بيمارين کر کنيو  مال ۾ وقت سر وئيڪسين نه  ٿيڻ ڪري   چوپايو مال مرڻ لڳو ـ سرڪاري دوا خانگي اسٽورن تي وڪرو ٿيڻ لڳي ـ مالوند سخت پريشان ذريل تباھڪن برساتن کان پوء چوپائي مال م وبائي بيماريون پکڙجڻ لڳيون جنهن ڪري  ڍور مرڻ لڳا  جڏهن ته ھزارين ڍور بيماريء م بي حال آهن جنهن ڪري ڀاڳيا سخت پريشان آهن ـ ڀاڳين موجب ته سنڌ حڪومت جي  اداري لائيو اسٽاڪ جي سانگهڙ جي اسپتالن م مللندڙ دوائون خانگي اسٽورن تي وڪرو ٿيڻ لڳيون ۽ سرڪاري ڊاڪٽر ۽ اسسٽنٽ سرڪاري اسپتالن بدران خانگي اسپتالن م ويھي سرڪاري دوائون مھانگن اگھن تي وڪرو ڪري رھيا آهن ـ مالوند ڀاڳين ٻڌايو ته برساتن م تباهه ٿي وياسين ڍور مري ويا مٿان دوائون به ھزارين روپين جون وٺون ٿا پر سرڪاري ڊاڪٽرن کي چئون ٿا اھي چون ٿا ته ضلعي آفيسر اسان کي دوائون نٿا ڏين جنهن ڪري اسان پاڻ پريشان آھيون .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.