موهن جو دڙو سم ۽ ڪلر سبب ڳري رهيو آهي: مقرر

راڻيپور (رپورٽ : فياض حسين راڄپر) موھي جو دڙو جي کوٽائي کي سو سالا مڪمل ٿيڻ۽ سنڌو سڀيتا جي ماھر آرڪيالاجسٽ ڊاڪٽر  مائيڪل جانسن کي ڀيٽا ڪرڻ لاءِ راڻيپور ۾ سنڌ آرڪياجيڪل سوسائٽي پاران ميرٽ ڪاليج آف سائنس ٽيڪنالاجي راڻيپور جي تعاون سان تقريب منقعد ڪئي وئي تقريب ۾ اديب دانشور سول سوسائٽي ۽ آرڪياجلسٽ وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي وئي تقريب کي آرڪيالاجسٽ جي ماهر ڊاڪٽر غلام مصطفي’ شر، ڊاڪٽر نذير کوکر، سنڌ آرڪيالاجيڪل سوسائٽي جي چيئرمين اعزاز پيرزادو، آرگنائيزر ميڊم ثنا گل چنه، مھر علي شر عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو ته موھن جو دڙو جي تاريخي اھميت ۽ موھن جو دڙو دنيا اندر آرڪيالاجي کي تمام گھڻي اھميت ڏني پـئي وڃي ايتري قدر جو پاڪستان اندر به ڪي ـ پي ـ ڪي ۽ پنجاب اندر به آرڪيالاجيڪل ماڳن تي اعلي درجي جون تحقيقون ڪيون پيون وڃن پر سنڌ اندر آرڪيالاجي ۽ قديمي ماڳ لاوارثي جو شڪار آھن جڏھن تہ سنڌو سڀيتا جو اھم ماڳ سنڌ جي سرحدن ۾ آھي ۽ اھو اھم ماڳ به اڄ سم ۽ ڪلر ۾ ڳري رھيو آھي سنڌ اندر آرڪيالاجيڪل ماڳ ھر چپي تي ملن ٿا پر جڏھن ته سمورا ماڳ غير محفوظ آھن ۽ ماڳن تي قبضا روز جو معمول بڻيل آھن موھن جو دڙو سنڌي قوم جو دنيا اندر سڃاڻپ جي نشاني طور مڃون وڃي ٿو پر ان ماڳ تي جيڪو سو سال اڳ ڪم ٿيو آھي اڄ تائين ان کان وڌيڪ تحقيق نہ ٿي سگھي آھي ڇو جو سنڌ جي تاريخي اھميت جاچڻ جو انٽريسٽ نہ آھي ماڳ منجھان اعلي’ درجي جون دريافتون ٿيون آھن پر ادارن جي نااھلي سبب آثار روز جي بنيادن ڀري ۽ ڳري رھيا آھن. جڏھن ته تقريب جي آخر ۾ محفل پڻ منقعد ڪئي وئي جتي فنڪار زنوار نصير شيخ قومي گيت ڳائي ويٺلن کي جهومائي ڇڏيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.