هوائي اڏي تي مسافر جي سامان مان اڇو واڳون هٿ

برلن(ويب ڊيسڪ) جرمني جي شهر ميونخ جي هوائي اڏي تي هڪ ماڻهو کي گرفتار ڪيو ويو آهي جيڪو سامان ۾ ناياب نسل جو البينو واڳون کڻي وڃي رهيو هو.

پرڏيهي خابرو اداري موجب سنگاپور مان جرمني ايندڙ ماڻهو جي سامان جي اسڪيننگ ڪئي وئي ته ڄاڻ ملي واڳون گول شڪل ۾ ويٺو هو.

جڏهن سامان کوليو ويو ته ان مان البينو واڳون سلوشن ٽيپس ۾ ٻڌل هو جنهن ۾ هو چري به نه پيو سگهي، ان جي ناسن کي کليل ڇڏيو ويو جڏهن ته سڄو منهن ٻڌل هو.

رپورٽ موجب جڏهن ڪسٽم ٽيپس کوليون ته واڳون خراب حالت ۾ هو، جڏهن ته کيس جانورن جي ماهرن حوالي ڪيو ويو۽ ڪجهه ئي دير ۾ سندس حالت بهتر ٿي وئي.

جنهن ماڻهو جي سامان مان واڳون هٿ آيو اهو سنگاپور کان ميونخ وڃي رهيو هو. سندس نالو سامهون ناهي آندو ويو جڏهن ته ايترو ٻڌايو ويو آهي ته سندس عمر 42 سال آهي ۽ سندس تعلق آمريڪا کان آهي.

رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته جاچ جي شروعات ٿي چڪي آهي جڏهن ته هن جو فون به ورتو ويو آهي.

جرمن حڪومت تصديق ناهي ڪئي ته واڳون اسمگل پيو ٿئي يا ڪو ٻيو مقصد هو. ماهرن ٻڌايو آهي ته البينو دنيا جي واڳن ۾ ناياب نسل جو آهي.

رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سنگاپور ۾ جانورن جو غيرقانوني واپار ٿيندو آهي جتي ناياب نسل جا جانور مهانگي اگهه ۾ وڪرو ٿيندا آهن.

وائلڊ لائيف جي ماهرن موجب سڄي دنيا ۾ رڳو سو کان ٻه سو جي انگ ۾ البينو واڳون موجود آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.