گنڊاپور آڊيو ليڪ مامرو، حڪومت پي ٽي آءِ لانگ مارچ خلاف وڏو قدم کڻي ورتو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) تحريڪ انصاف جي اڳواڻ علي امين گنڊاپور جي هٿيارن بابت مبينا آڊيو ليڪ کانپوءِ حڪومت سپريم ڪورٽ ۾ لانگ مارچ خلا ف پٽيشن داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

ذريعن موجب حڪومت طرفان درخواست ۾ پي ٽي آءِ جي لانگ مارچ ۽ مبينا سازش وارو معاملو شامل ڪيو ويندو، لانگ مارچ جي حوالي سان ثبوت سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪيا ويندا.

ذريعن جو چوڻ آهي ته سپريم ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرڻ جي تياري ڪئي پئي وڃي، لانگ مارچ ۾ ڏڦيڙ پيدا ڪرڻ بابت حڪومت کي ملندڙ ثبوت پڻ پٽيشن جو حصو هوندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.