عالمي مارڪيٽ ۾ لاٿ باوجود ملڪ ۾ سون مهانگو ٿي ويو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ملڪ سون جي اگهن ۾ واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.

آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب سون جو في تولو 1400 رُپيا مهانگو ٿيڻ بعد هڪ لک 52 هزار 4 سئو رُپين جو ٿي ويو آهي.

10 گرام سون جي قيمت  1200 رُپيا واڌ کانپوءِ  هڪ لک 23 هزار 658 رُپيا آهي.

عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو مُلهه 12 ڊالر گهٽجي هڪ هزار 663 ڊالر في اونس آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.