قومپرست سنڌ ٻوڙائڻ جا ڪوڙا الزام پيا هڻن، قدرتي لنگهه بحال ٿيڻ گهرجن: بلاول

ڪراچي (رپورٽ: محمد علي نقرچ)پرڏيهي وزير ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته زنده هونداسين ته سياست ۽ چونڊون ٿينديون رهنديون، سياسي مقابلا به ڪنداسين 3 ڪروڙ 30 لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر ٿيا ۽ 30 ارب ڊالرن کان به وڌيڪ جو نقصان جو ڪاٿو لڳايو آهي اصل نقصان جي خبر سروي کان پوءِ پوندي، اهڙو اظهار هن ڪالهه وزيراعليٰ هائوس ۾ وڏي وزير سيد  مرادعلي شاهه، سينيٽر نثار کهڙو، صوبائي وزيرن شرجيل ميمڻ، ڄام خان شورو ۽ ناصر حسين شاهه سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو، پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري  قومپرستن جي سنڌ هٿ سان ٻوڙائڻ واري ڳالهه کي رد ڪندي وڌيڪ چيو ته قومپرست به ٻوڏواري صورتحال ۾ سياست پيا ڪن، ميرپورخاص سميت ٻين هنڌن تي قدرتي لنگهه بحال ٿيڻ گهرجن، هن چيو ته  ايل بي او ڊي ۽ آر بي او ڊي منصوبن کي مڪمل ڪرڻ ۽ آبپاشي نظام جي سڌارن لاءِ پيل پئسا سپريم ڪورٽ ذريعي گهريا پر اهي نه مليا آهن، هڪ سوال جي جواب ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته عمران خان پاڻ زڪوات ۽ چندا چور آهي، هن اقتدار ۾ ايندي پنهنجو بني گالا وارو گهر ريگيولر ڪرايو ۽ غريبن جا گهر ڪيرايا، هاڻي ٻه نه هڪ پاڪستان هلندو،  هن چيو ته ملڪ جو وڏو حصو ٻوڏ هيٺ آهي ۽ پاڻي علائقن ۾ اڃا تائين موجود آهي ڇوته پاڻي بلوچستان مان اچي رهيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته ٻوڏ جو 50 سيڪڙو حصو صاف ٿي چڪو آهي پر سنڌ، بلوچستان، ڏکڻ پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جا مختلف ڳوٺ ۽ شهر اڃا تائين پاڻي هيٺ آهن. خيرپورناٿن شاهه، ڪوٽڏيجي ۽ ٻيا ڪيترائي ڳوٺ ۽ شهر سمنڊ جو ڏيک ڏين پيا. هن چيو ته هيءَ درياهه جي ٻوڏ نه پر تيز برساتن جي نتيجي ۾ 33 ملين جي آبادي کي بي گهر ڪندڙ ٻوڏ آهي جيڪا برطانيه، آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ جي آبادي جي برابر آهي. هن چيو ته هاڻي گڏ ٿيل پاڻي وچڙندڙ بيمارين، مڇرن جي واڌويجهه ۽ مليريا، ڊينگي ۽ ٻيا انيڪ مسئلا پيدا ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن. هن وڌيڪ چيو ته ٻوڏ سبب اسان جي صحت جي بنيادي ڍانچي جو 10 سيڪڙو نقصان ٿيو آهي تنهنڪري ضروري سهولتون پڻ متاثر ٿيون آهن پر ان باوجود 3.8 ملين ماڻهن کي خاص طبي ڪئمپن ذريعي علاج فراهم ڪيو ويو آهي. پيپلز پارٽي جي چيئرمين چيو ته ملڪ جو هڪ ڀاڱي ٽيون حصو ٻوڏ هيٺ آهي پر ڪجهه سياستدان متاثر ماڻهن جي مدد ڪرڻ بدران سياست ڪري رهيا آهن، چونڊون ڪرائڻ جو مطالبو ڪري رهيا آهن ۽ متاثرن جي بحالي جي حڪومتي جاکوڙ کي ناڪام بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. پيپلز پارٽي جي سربراهه چيو ته ٻوڏ سبب ماڻهن جو نه رڳو وڏو انگ بي گهر ٿيو پر سندن لکين ايڪڙن تي بيٺل فصل پڻ تباه ٿي وئي جنهن ڪري ملڪ کي معاشي، جاني ۽ مالي نقصان کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي تنهنڪري اسان کي فوڊ سيڪيورٽي کي يقيني بڻائڻ لاءِ ٺوس قدم کڻڻا پوندا.  هن هڪ صحافي جي سوال تي اتفاق ڪيو ته حڪومت هر متاثر ماڻهو تائين نه پهتي آهي. پيپلز پارٽي جي چيئرمين وزيراعظم شهباز شريف جو شڪريو ادا ڪيو جنهن ٻوڏ متاثرن جي هر فرد جي پڇاڳاڇا ڪئي. هن چيو ته هو سڄي پاڪستان جو مالڪ آهي ۽ ٻوڏ متاثرن جي ڏک کي محسوس ڪري ٿو ۽ وڌيڪ چيو ته وزيراعظم سمورن ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو ڪيو، ماڻهن سان ملاقات ڪئي ۽ سندن مدد پڻ ڪئي. بلاول ڀٽو چيو ته عالمي برادري مدد ڪرڻ لاءِ تيار آهي پر افسوس آهي ته ڪجهه سياستدان سازشون ڪري رهيا آهن ۽ غير ذميواراڻو بيان ڏئي رهيا آهن ته جيئن پاڪستان ۾ متاثرن تائين عالمي امداد پهچڻ کي متاثر ڪيو وڃي پر ان سان ڪو فرق نه پيو ڇاڪاڻ ته اسان سمورن ملڪن سان سٺا لاڳاپا بحال ڪيا آهن جن ملڪن کي پي ٽي آءِ چيئرمين پنهنجي وزير اعظم جي دور ۾ خراب ڪيوهن عالمي بينڪ پاران 110 ارب رپين جي لاڳت سان تباهه ٿيل گهرن جي تعمير تي مدد ڪرڻ لاءِ صوبائي حڪومت جي واکاڻ ڪئي. هن چيو ته صوبائي حڪومت ڊونر ايجنسين تائين پهچ ۽ کين ڀرپور سهڪار لاءِ قائل ڪرڻ لاءِ قدم کنيا آهن. هن پنهنجي عزم کي ورجايو ته نومبر جي آخر تائين اسان ربيع جو فصل پوکڻ لاءِ تيار ٿي وينداسين ۽ انشاءَ الله ننڍن هارين کي سندن زمينون ٻيهر ڏئي کين پوک لائق بڻائينداسين. هڪ سوال جي جواب ۾ بلاول ڀٽو چيو ته اسان صوبي ۾ شايد ڪنهن به ماڊل وليج يا ٽائون کي ترقي نه ڏني آهي پر اسان جيڪا ترقي ڪئي آهي اها سندن معيار ۽ خدمتن کي ظاهر ڪري ٿي. هن وڌيڪ چيو ته 2010ع جي ٻوڏ کانپوءِ پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت پاران ٺاهيل بندن کي برساتن ۾ ڪوبه نقصان نه پهتو هو جتي 250 تربيلا ڊيم برابر پاڻي آيو پر نه ته سنڌو درياهه ڪٿان ڀڳو ۽ نه ئي ايل بي او ڊي. پر اسپائنل نالن ۾ گهارا ضرور پيا. بلاول ڀٽو چيو ته اڃا وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي پر صوبائي حڪومت جي ڪيل ترقي ۽ خدمتن کان ڪير به انڪار نٿو ڪري سگهي. هڪ سوال جي جواب ۾ پيپلز پارٽي جي چيئرمين چيو ته متاثر ٿيندڙ ماڻهو امداد يا سرڪاري مدد وٺڻ کان انڪار نه ڪري رهيا آهن. اها فطري ڳالهه آهي ته جڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي فصل، گهر، مٽ مائٽن ۽ ڍورن کي وڃائي ٿو ته ان جي نقصان جي ڀيٽ ۾ رڳو راشن جو ٿلهو، خيمو، مڇرداڻي ۽ پاڻي جو بندوبست ڪجهه به نه آهي پر ان جو مطلب اهو ناهي ته حڪومت انهن لاء ڪجهه به نه ڪيو آهي. پرڏيهي وزير، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام متعارف ڪرائڻ تي صدر آصف زرداري جا ٿورا مڃيا جنهن تحت هر متاثر عورت کي 25 هزار رپيا ڏنا ويا آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ بلاول ڀٽو صحافين سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته پرڏيهي وزير جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ هو پنهنجي ڪارڪنن سان ملاقات نه ڪري سگهيو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ چيئرمين بلاول ڀٽو چيو ته نام نهاد قومپرست ٽولو عوام کي گمراهه ڪري رهيو آهي. هن چيو ته اسان ڪنهن کي ٻوڙيو ناهي ۽ نه ئي ڪنهن علائقي کي ٻوڙيو ويو آهي، اهو پاڻي جو قدرتي وهڪرو هو جنهن پنهنجي طريقي سان علائقن کي ٻوڙيو. هن چيو ته جڏهن تباهي ايتري ته وڏي هجي جو صوبي جو وڏو حصو ٻڏي ويو ته نالا يا ڊيم ڪيئن ٺهي سگهندا؟ هن چيو ته اسان ٻوڏ وارن علائقن ۾ ڊيم نٿا ٺاهي سگهون. چيئرمين چيو ته سنڌ حڪومت (بحريه ٽائون) جو پئسو سپريم ڪورٽ ۾ آهي. اسان ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته اها رقم ايل بي او ڊي، آر بي او ڊي ۽ نئن نالن جي تعمير لاءِ حاصل ڪئي وڃي. بلاول ڀٽو چيو ته موسمياتي تبديلين موجب گهر تعمير ڪرڻ جو طريقيڪار جوڙيو ويندو. اسان جو نعرو روٽي، ڪپڙو اور مڪان آهي تنهنڪري اسان انهن ماڻهن کي گهر فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهيون، جيڪي ٻوڏ ۾ پنهنجا گهر وڃائي ويٺا آهن. هوڏانهن بلاول ٽوئيٽ ۾ چيو ته صدر جو مواخذو ٿيڻ گهرجي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.