واٽس ايپ پيغامن جي ڀرمار سبب پريشان آهيو؟ ته پوءِ هي فيچر اوهان لاءِ ئي آهي

واٽس ايپ هلندڙ سال آگسٽ ۾ واهپيدارن لاءِ هڪ بهترين پرائيويسي فيچر متعارف ڪرائڻ جو اعلان ڪيو هو.

ان فيچر ذريعي واهپيدار اڻوڻندڙ واٽس ايپ گروپ خاموشي سان ڇڏي سگهندا آهن.

ائين ڪرڻ سان گروپ ايڊمن ڏانهن ته هڪ الرٽ ويندو پر ٻين ميمبرن کي پتو نه پوندو.

هاڻ اهو فيچر سمورن واهپيدارن لاءِ موجود آهي، فيچر واٽس ايپ جي وڏن گروپن ۾ وڌيڪ ڪارائتو هوندو جتي پيغامن جي ڀرمار سبب ماڻهو پريشان ٿي ويندا آهن.

فيچر کي استعمال ڪرڻ لاءِ واٽس ايپ ۾ گروپ جي چيٽ ونڊو تي وڃو جنهن اوهان ڇڏڻ چاهيون ٿا، چيٽ ونڊو اوپن ڪرڻ بعد مٿي گروپ جو نالي تي ڪلڪ ڪريو ۽ انفوپيج تي هيٺ اسڪرول ڪري ايگزٽ گروپ جي آپشن جي چونڊ ڪريو ۽ بس .

ائين ڪرڻ تي اوهان گروپ جي ڇڏڻ جي ڄاڻ ايڊمن کانسواءِ ڪنهن ٻئي کي نه هوندي، پر ٻيا ميمبر گروپ جي تفصيلن واري پيج ۾ وڃي ان بابت ڄاڻي سگهن ٿا.

هي فيچر ان وقت ڪم ڪندو جڏهن اوهان جي فون۾ واٽس ايپ جو تازو ترين ورزن موجود هوندو، ٻي صورت ۾ گروپ ڇڏڻ تي ان پتو سمورن ميمبرن کي پئجي ويندو جيئن اڳ ٿيندو هيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.