قمبر: ٻوڏ متاثرن جي خيمن ۾ ٻن معصوم ٻارڙن جا جنازا، وارثن جو ڌرڻو

قمبر ۾ ٻوڏ متاثرن جي خيمن مان وڌيڪ ٻن معصوم ٻارڙن جا جنازا نڪتا، متاثرن پاران ٽائرن کي باهيون ڏئي احتجاج ڪيو ويو

ڊگري ڪاليج رليف ڪيمپ ۾ ترسيل معصوم ٻار علي حسن نورياڻي ۽ ٽن ورهين جي ٻارڙي پياري ڏيپراڻي وقت سِر علاج ۽ کاڌ خوراڪ نه ملڻ سبب فوت ٿي ويا آهن

ٻارڙن جي وارثن وڳڻ روڊ تي ٽائرن کي باهيون ڏئي سخت احتجاج ڪندي سنڌ حڪومت ۽ ضلعي انتظاميا خلاف نعريبازي ڪئي

ان موقعي تي فوتي ٻارڙن جي وارثن جو چوڻ هو ته گرمي، بک ۽ بيمارين جي ڪري خيمن مان روز جنازا نڪرن ٿا، حڪمرانن توڙي انتظاميا کي ڪا به ڪهل نٿي پوي

مظاهرين حڪومت ۽ انتظاميا کان کاڌي پيتي سميت بيمارين جي بچاءَ جون سهولتون ڏئي سندن حياتيون بچائڻ جو مطالبو ڪيو آهي

فوتين جي وارثن کي پيپلزپارٽي ايم پي اي سردار خان چانڊيو جي پرسنل سيڪريٽري ڪفن دفن لاءِ روڪ رقم ۽ ڪانڌپي جي ماني ڏياري احتجاج ختم ڪرايو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.